ليکڪ: مير ذوالفقار چانڊيو
ان ڳالهھ ۾ ڪو شڪ نه آھي ته اسان جو ملڪ زرعي ملڪ آھي، مطلب ملڪ اندر اڪثريت آبادي زراعت سان تعلق رکندڙ ماڻھن جي آھي، پاڪستان واحد ملڪ آھي جتي ھر فصل، ميوا ۽ ڀاڄيون تمام گھڻي مقدار ۾ ٿينديون آھن، ان جي ڪري انھن جي سٺي پيداوار حاصل ڪرڻ يا انھن کي لڳندڙ بيمارين کان بچاءَ لاءِ انهن فصلن لاءِ تحقيقاتي ادارا جڙيل آهن، سنڌ ۾ منهنجي شھر سڪرنڊ ۾ ڪڻڪ جي فصل لاءِ حڪومت طرفان ”ڪڻڪ جو تحقيقاتي ادارو“ جي نالي سان 1993ع کان ھڪ بھترين ادارو جڙيل آهي جيڪو ھن وقت 40 ايڪڙن تي قائم آهي، جتي مختلف طريقن سان ڪڻڪ پوکي ان تي تحقيقات ڪئي وڃي ٿي، اھو سنڌ اندر پھريون ادارو آهي، جنهن جون برانچون پڊعيدن ۽ ٽنڊو ڄام ۾ پڻ ٺھيل آھن، ان اداري جو ڪم صرف ڪڻڪ جي فصل تي تحقيق ڪري مارڪيٽ اندر نيون جنسون متعارف ڪرائڻ سان گڏوگڏ آبادگارن لاءِ بھتر کان بھتر فصل پوکڻ انھن جي سار سنڀال ڪرڻ جا تجربا ڪيا ويندا آهن، گذريل 28 سالن کان ھن اداري طرفان ڪڻڪ جون 13 نيون جنسون مارڪيٽ ۾ متعارف ڪرايون آھن، جيڪي مختلف وقتن تي سنڌ اندر پوکيون وڃن ٿيون، جنهن ۾ پاڪ 70، ٽي ڊي ون، SKD حمل، بينظير امداد سميت ٻيون جنسون شامل آهن، ھڪ جنس پيدا ڪرڻ لاءِ ڏھه کان ٻارنھن سال لڳي ويندا آهن، اداري جي طرفان متعارف ڪرايل جنسون پيداوار جي لحاظ سان آبادگارن لاءِ بھترين ايوريج ڏيندڙ جنسون آهن، جيڪي اڄ به پوري سنڌ اندر پوکيون پيو وڃن، پر هاڻ بھترين ادارو ھجڻ ڪري هن اداري کي وڌ کان وڌ بھتر ڪرڻ بدران تباھيءَ ڏانھن ڌڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ سڀ کان پھرين ان بھتر اداري کي تحقيقات لاءِ صرف 40 ايڪڙ زمين مليل آهي، جيڪا تمام گھٽ نه پر نه ھجڻ جي برابر آهي، جنهن جي ڪري ڪافي تجربا پڊعيدن يا ٽنڊو ڄام ۾ ڪيا ويندا آهن، ھن اداري جي مقابلي ۾ پنجاب جي ساڳي تحقيقاتي اداري کي لڳ ڀڳ 4 ھزار ايڪڙ زمين مليل آهي، جتي پنجاب جا سائنسدان پنهنجي طريقي سان تحقيقات ڪري رھيا آهن پر افسوس ته پنجاب جي مقابلي ۾ ھن اداري کي نالي ماتر زمين مليل آهي، جيڪا ھن اداري سان وڏي ناانصافي ٿيل آهي ان سان گڏ ان بھترين اداري جي تمام ٿوري بجيٽ رکي ويندي آهي، جنهن سان اداري جي ترقيءَ ۾ تمام گھڻيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون پر وڏي ڏک ۽ افسوس جي ڳالهه اها آهي ته سائنس ڏينھون ڏينهن مختلف شين تي تحقيقات ڪري ترقيءَ ڏانهن اڏام ڪري رھي آھي پر اسان ترقيءَ بدران تنزليءَ ڏانھن وڃڻ جي ڪوشش ۾ آھيون، ڇو ته اپريل 2012ع ۾ سڪرنڊ جي ڪجهه ريونيو اداري جي ملازمن جي غلط حرڪتن سان ھن بھترين اداري کي ستين فارم ذريعي بينظير ھائوسنگ اسڪيم ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، مطلب ته تحقيقات لاءِ ڏنل زمين تي بينظير بستي جي نالي تي غريبن لاءِ ڪالونيون ٺاھيون وڃن، جنهن کي ان دور جي وزيراعلي سنڌ قائم علي شاھ آگسٽ 2012ع ۾ اھو چئي رد ڪري ڇڏيو هو ته ھن بھترين اداري کي پنهنجو ڪم جاري رکڻ ڏيو، ان جي تحقيقاتي زمين تي سرڪاري گهر نٿا ٺهي سگھن، خير 9 سالن کان پوءِ وري هلندڙ مھيني ھڪ دفعو ٻيهر ڪجهه آفيسر ساڳي زمين تي وزٽ ڪرڻ آيا ته اسان ھن سرڪاري زمين تي سرڪاري گهر ٺاهي رھيا آھيون، جنهن سبب اداري جي عملي سان گڏوگڏ سڪرنڊ جي سول سوسائٽي ۽ شعور رکندڙ ماڻهو سڄاڳ ٿي ان اداري جي حق ۾ مسلسل احتجاجي تحريڪ ھلائي رھيا آهن ته ھن اداري کي پنهنجي ساڳي حالت تي رھڻ ڏنو وڃي، ته جيئن ھي ادارو بھتر کان بھتر ڪم ڪندو رهي پر افسوس ته آفيسرن جو ضد آهي ته ان زمين تي گهر ٺھندا، ڇو ته ڏينھون ڏينھن پاڪستان جي آبادي وڌي رھي آهي، وڌندڙ آبادي لاءِ گھرن کان ڪڻڪ ضروري آهي جيڪڏهن سنڌ حڪومت واقعي عوام جي ڀلائي لاءِ سرڪاري گهر ٺاهڻ چاھي ٿي ته سڪرنڊ جي ڀرپاسي ۾ غير آباد پيل زمين تي ٺاهي سگهي ٿي باقي ھڪ آباد زمين جتي زراعت جي جياپي لاءِ ڪم ٿيندو هجي، اتي ان قسم جو عمل ناجائزي هوندو، ڇو ته اھڙا تحقيقاتي ادارا صدين ۾ ٺھندا آهن ۽ اھڙن تحقيقاتي ادارن جي سنڌ حڪومت پاڻ مالڪي ڪري انهن کي ترقي وٺرائي ۽ جلد کان جلد ستون فارم ذريعي بينظير بستي جي نالي ٿيل زمين کي ساڳي ڪڻڪ جي تحقيقاتي اداري ڏانهن رجسٽري منتقل ڪري، وڏي افسوس جي ڳالهه اھا آهي ته ھڪ وزيراعلي ان منصوبي کي رد ڪري ويو ٻيو وزيراعلي ساڳي منصوبي کي ڪيئن ٿو بحال ڪري سگهي ان اھم مسئلي تي چونڊيل نمائندن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪري شھرين جي بيچيني ختم ڪرڻ گهرجي، ھن اداري جي ھاڪ پوري پاڪستان ۾ آهي، جتي مختلف صوبن کان سائنسدان اچي ڪڻڪ تي تحقيق ڪري فائدو حاصل ڪن ٿا، پر ھن اداري وارن لاءِ وڏي خوشنصيبي ۽ ڪاميابي آهي ته ھن اداري کي دنيا ليول تي آمريڪا، ميڪسيڪو چين ۽ ٻين ملڪن مان 7 ايوارڊ پڻ مليا آهن.هڪ اهڙو ادارو جيڪو مسلسل زرعي تحقيق جي ميدان ۾ سرگرم عمل آهي، ۽ صوبي جو شان بڻيل آهي، ان جي زمين به يقينن تحقيقي ميدان ۾ سوني آهي ۽ ان سون جي کاڻ کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ ضروري آهي، هي ادارو سڄي سنڌ لاءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو تحفو آهي ۽ شهيد راڻي جي ڏنل ان تحفي جي حفاظت سڪرنڊ واسين سميت سنڌ حڪومت تي به لازم آهي، جيستائين بينظير بستي جو سوال آهي ته سڪرنڊ سميت علائقي ۾ ڪيتري ئي غير آباد زمين سرڪار جي کاتي ۾ پيل آهي، ان لاءِ نيشنل هاءِ وي تي زمين خريد به ڪري سگهجي ٿي، پر جيڪڏهن هڪ شاندار ادارو تباهه ٿي ويو ته ان کي خريد ڪرڻ وري ڏکيو ٿيندو، ڇو ته ادارا خريد ۽ فروخت سان نه پر محنت سان جڙندا آهن.