154

سگا مورو شاخ جو سماجي خدمتن ۾ ڪردار…!

ليکڪ: ”راز“ علي گل ڀٽو

جڏھن ون يونٽ جي ٻوسٽ کان تنگ ٿي، سنڌ جي ڪجهھ سماج سيوڪن 22 فيبروري 1971ع تي ڪيفي نيويارڪ صدر ڪراچيءَ ۾ھڪ پر جوش گڏجاڻي ڪري فيصلو ڪيو ته سنڌ جي گريجوئيٽس کي سماجي خدمتن جي لاءِ ھڪ تنظيمي منچ جوڙي ڏنو وڃي، پوءِ ترت 16 اپريل 1971ع تي ساڳئي ھوٽل ۾ دوستن ھڪ فيصلائتي گڏجاڻي ڪوٺائي، جنھن ۾ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، شمشيرالحيدري، مشتاق ميمڻ، بلال سيال، غلام حسين ميمڻ، بخش علي لاکو ۽ ٻيا ڪجهھ دوست شريڪ ٿيا، ان گڏجاڻيءَ ۾ئي وڏي سوچ ويچار کانپوءِ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي نالي سان ھڪ خالص سماجي تنظيم قائم ڪئي وئي، جنھن ۾ پوءِ ڪافي دوست شامل ٿيندا ويا، يعني ماڻھو ايندا ويا ميلو مچندو ويو، ان کانپوءِ سگا جي ٻي شاخ حيدرآباد ۾ قائم ڪئي وئي، سگا جو پھريون ساليانو ڪنوينشن به حيدرآباد شاخ جي ميزبانيءَ ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ھال ۾ ٿيو، جنھن ۾ جنرل ضياءَ الحق جي مارشل لا ھوندي به ڪالاباغ ڊيم خلاف قرارداد منظور ڪئي وئي، جنھن ۾ سگا جي ڪارڪنن کانسواءِ عام ماڻھن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، ان کانپوءِ سموري سنڌ ۾ سگا جي شاخن کلڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو. ان سلسلي ۾ مورو جي ساٿين سائين بخش عباسي، نذير احمد قاضي، نثار احمد ميمڻ، ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، مشتاق سومرو، مشتاق قاضي ۽ ٻين ڪافي دوستن گڏجي 28 مارچ 1976ع تي مرڪز جي منظوريءَ سان مورو ۾ سگا جي شاخ قائم ڪئي، بعد ۾ شمشاد سومرو، غلام النبي سيال، حفيظ الرحمان شيخ، وزير فرھاد، اسلم عباسي، وسيم شيخ، سرفراز ميمڻ، پروفيسر مظھر ميمڻ، غلام رضا ميمڻ، بشير ميمڻ، زاھد ڏيپر، ڊاڪٽر لائق زرداري، اسدالله سولنگي، اسد الله کيڙو، ڊاڪٽر وجيهه الدين ميمڻ، غلام اصغر ميمڻ، قاضي شفيع محمد، مقبول احمد ميمڻ، امداد بلوچ ۽ ٻيا کوڙ سارا سيواڪار دوست سگا مورو جي قافلي ۾ شامل ٿيندا ويا، سگا مورو شاخ شروعاتي سالن ۾ پنھنجي مدد پاڻ تحت غريبن لاءِ روشن تارا اسڪول قائم ڪيو، جنھن کي پوءِ شاخ 1978ع ۾مھراڻ ايجوڪيشنل سوسائٽي نالي رجسٽرڊ ڪرائي ان جي حوالي ڪيو، جيڪو اسڪول اڃا ھلي رھيو آھي. صحت جي ميدان ۾ ھيل تائين 100 کان مٿي مفت طبي ڪئمپون قائم ڪيون ويون آھن، جن ۾ چمڙي، اکين، مٺي پيشاب، يرقان ۽ جنرل طبي ڪئمپون پڻ شامل آھن، ھنن ڪئمپن مان ھزارين مريضن جو علاج ٿيو ۽ مفت دوائون ڏنيون ويون، ان خدمت جو سلسلو شاخ پاران ھر سال جاري آھي، انھن ڪئمپن لاءِ ٻھراڙي ۽ شھر جي مخير ماڻھن جو تعاون شامل ھوندو آھي، بي پھچ مريضن کي ويجھو علاج جي مفت سھولت ڏيڻ سگا جي خدمت جو اھم عنصر آھي، سگا جي ٻي اوليت تعليم ۽ ثقافت آھي، ان ۾معلوماتي سيمينار، ثقافتي ميڙاڪا، صوفي سنگ ۽ راڳ رنگ جون محفلون، عالمن، اديبن ۽ سماج سيوڪن سان رھاڻيون رچائڻ جون اھم خدمتون آھن، ھر سال ٽن ڏينھن وارو ڪتابي ميلو لڳرائڻ شاخ جو اھم اسم آھي، جنھن ذريعي نوجوانن ۽ علم جي پياس رکندڙن ۾ ڪتاب خريد ڪرڻ ۽ پڙھڻ جو چاهه ۽ اتساهه پيدا ٿئي ٿو ۽ معاشري جو تعليم ۽ پڙھائيءَ ڏي لاڙو وڌي ٿو، ان سان ڪتاب گڏ ڪرڻ جو به رجحان پيدا ٿئي ٿو، سگا مورو شاخ ھيل تائين وطن جي بي پھچ غريبن جي خدمت ۾ 42  سالن جو سفر طئي ڪيو آھي، اھو ئي خدمت جو جذبو شاخ جي سيواڪاري ميراث آھي، سگا مورو جي اھميت ان مان ظاهر آھي ته سگا جا ٻه مرڪزي ساليانا ڪنوينشن سال 1983ع ۽ 2009ع ۾ مورو شاخ جي ميزبانيءَ ۾ ڪاميابيءَ سان ٿي چڪا آھن، جنھن ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي شاخ کي مرڪز پاران سندون به ملي چڪيون آھن. 14 ۽ 15 اپريل 1983ع تي ضيائي مارشل لا ھوندي به ڪنوينشن ۾ ڪالاباغ ڊيم خلاف قرارداد منظور ڪئي وئي. 1970ع واري ڏھاڪي جي آخر ۾ جڏھن جنرل ضياءَ سرڪاري ملازمن جي سگا ۾ شموليت تي پابندي ھنئي ته سرڪاري ملازم وقتي طور سگا کان وٿيرڪا ٿي ويا، ان کانپوءِ جڏھن 1988ع ۾ جمھوريت بحال ٿي ته محترمه شھيد بينظير ڀٽو جي حڪومت ۾ رٽائرڊ جسٽس مرحوم سيد ديدار حسين شاهه سنڌ اسيمبليءَ مان سگا جي مڪمل بحاليءَ جو ٺھراءُ منظور ڪرايو، اھڙي طرح سگا وري اوج تي اچڻ شروع ڪيو. سگا مورو جي ٽن سالن جي ڪارڪردگي تي ٻڌل ھڪ ڪتاب ”سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي مختصر تاريخ“ جي عنوان سان شاخ جي صدر اسلم عباسيءَ ڇپائي پڌرو ڪيو آھي، جيڪو شاخ جو تاريخي دستاويز آھي، ھر سال سنڌو مھراڻ ۾ موج اچي ٿي ۽ سندس اھا مستي ڪچي جي مارن کي گھڻو متاثر ڪري ٿي، جنھن دؤران پڻ سگا مورو جا سيواڪار پنھنجي ھڙان وڙان ٻوڏ ستايلن جي طبي امداد، کاڌ خوراڪ ۽ لٽي  ڪپڙي جي شڪل ۾ مدد ڪندا آھن. شاخ پاران 1978ع کي لطيف جو سال ڪري ملھايو ويو، جنھن ۾ سيمينار، لطيفي چٽاڀيٽيءَ جا انتظام ڪري نوجوان نسل کي آگاھي ڏني وئي. 1980ع ۾ شاخ پاران ڊرگ بئنڪ قائم ڪئي وئي، جتان ضرورتمند مريضن کي مفت دوائون ڏنيون ويون. 1982ع ۾ دادو مورو پل قائم ٿيڻ تي شاخ پاران ھڪ ثقافتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، جنھن ۾ استاد بخاري شريڪ ٿي ھي شعر پڙھيو ھو ته:

ٽٽي پوندي استاد دادوءَ جي دلڙي،

بخاريءَ کان مورو متان موڪلائي.

1982ع کي ”ڳوٺ سڌار سنگت“ جي عنوان سان ملھايو ويو، سيواڪارن، اديبن جون سالگراھون ملھائڻ، ڪوڏي ڪوڏي راند ۽ ملاکڙا ڪرائڻ به شاخ جون اھم سرگرميون رھيون آھن، ڪيتريون ٻيون سماجي تنظيمون به رجسٽر ڪرايون ويون آهن. مختلف شعبن ۾ مڃتا سندون ڏيڻ، غريب شاگردن ۾ ڪتاب ۽ ڊريسون ورھائڻ واري پاسي به سرگرم آھي. ڪجھه عرصي لاءِ ڳوٺ مناھيون ۾ جمعو ڪلينڪ به قائم ڪئي وئي، ميان جا قبا تي سيمينار، استادن جو عالمي ڏينھن، ثقافتي ڏھاڙو ملھائڻ، محبت جو عالمي ڏينھن، جاڳرتا مھمون ۽ آجياڻا به ڏنا ويندا آھن. شاخ کي ميونسپل پاران ٻن ڪمرن جي آفيس مليل آھي، جتان شاخ جو معمول جو ڪاروھنوار ھلايو ويندو آھي. سنڌ ۽ موري جي خدمت ۾ سگا ۽ مورو شاخ جو به يوسف جي خريدارن جيترو حصو آھي. سگا مورو شاخ تعليم ۽ تھذيب واري سنڌ جي تاج ۾ مور جي پر جيان آھي، ھينئر مورو شاخ سگائي دوستن لاءِ ڪشمور کان ڪيٽي بندر ۽ ڪاڇي کان ڪارونجھر تائين اھو چؤسول آھي جتي ھو پيار ۽ پاٻوهه مان ملن ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو