18

شاهه محمود قريشي پاران چيني سفير سان گڏ زخمي چيني شهرين جي عيادت

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيني سفير نونگ رونگ سان گڏ سي ايم ايڇ راولپنڊي ۾ داخل زخمي چيني شهرين جي عيادت ڪئي. رپورٽ موجب سي ايم ايڇ راولپنڊي ۾داسو واقعي ۾ زخمي ٿيل چيني شهرين جي عيادت ڪئي وئي آهي، ان موقعي تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي زخمي چيني شهرين کي هر ممڪن طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريو ۽ چيني شهرين جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي چيني سفير چيو ته چين ۽ پاڪستان ڪنهن به چيلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ تعاون جاري رکندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو