263

شاگرد صالم چانڊيو جي روڊ حادثي ۾ فوت ٿيڻ وارو معاملو: ڄامشورو ۾ شاگردن، شاگردياڻين ۽ استادن پاران ڌرڻو

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) مهراڻ يونيورسٽي جي شاگردن، شاگردياڻين ۽ استادن نوجوان صالم چانڊيو جي روڊ حادثي ۾ فوت ٿيڻ واري واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. گذريل ڏينهن انڊس هاءِ وي تي روڊ حادثي ۾ مهراڻ يونيورسٽي مان پاس آئوٽ ٿيل شاگرد صالم چانڊيو جي فوت ٿيڻ واري واقعي تي مهراڻ يونيورسٽي جي شاگردن، شاگردياڻين ۽ استادن پاران ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئرس ڊاڪٽر تنوير ڦلپوٽو، جاويد لاڙڪ ۽ مجتبيٰ ڪيريو جي اڳواڻي ۾ يونيورسٽي گيٽ وٽ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو. مظاهرين نيشنل هاءِ وي اٿارٽي انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪندي يونيورسٽين جي شاگردن لاءِ انڊر باءِ پاس ۽ اوور هيڊبرج ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو. احتجاج ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جو چوڻ هو ته  نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي خراب ڪارڪردگي سبب روڊ حادثن ۾ شاگرد فوت ٿي رهيا آهن، نوجوان صالم چانڊيو جو موت يونيورسٽي ۾ داخل ٿيڻ وقت بريڪر ۽ يو ٽرن نه هجڻ سبب ٿيو. شاگردن وڌيڪ چيو ته روڊ تان سوين شاگرد هڪ ڏينهن ۾ گذرن ٿا، انتظام نه هجڻ ڪري اسان جي زندگين کي خطرو آهي، جلد يونيورسٽين جي شاگردن لاءِ انڊر باءِ پاس ۽ اوور هيڊبرج ٺاهي ڏني وڃي. مظاهري دوران مهراڻ يونيورسٽي جي استادن جو چوڻ هو ته حادثن جي روڪٿام لاءِ يونيورسٽي جي شاگردن جي گذر لاءِ فلائي اوور هيڊ برج ڏئي ڪارائتا انتظام ڪيا وڃن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو