ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) سيوهڻ ۾ هڪ هفتو اڳ مبينا جنسي زيادتي کانپوءِ مدرسي جي شاگرد عبدالڪريم ٻٻر کي قتل ڪرڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ سيوهڻ پوليس 5 ڄڻن جا جزا ۽ مقتول شاگرد سميت ٻن جوابدارن جا ڪپڙا چڪاس لاءِ فارنزڪ ليبارٽري ڄامشورو ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. ڪيس ۾ نامزد ڄاڻايل ٻن جوابدارن مدرسي جي استاد احسان سولنگي، بورچي حب علي ناريجو ۽ ٽن شڪي جوابدارن زاهد ميمڻ، شمشير بڙدي ۽ بشير ملاح جا جزا چڪاس لاءِ ايس ايڇ او سيوهڻ ذوالفقار اوڍاڻو جي سربراهي ۾ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي فارنزڪ ماليڪيولر بائلاجي ليبارٽري ۾ جمع ڪرايا ويا آهن. ايس ايڇ او سيوهڻ ذوالفقار اوڍاڻو مطابق ڏاڍائي کانپوءِ قتل ٿيل شاگرد عبدالڪريم ٻٻر ۽ جوابدارن استاد احسان سولنگي، بورچي حب علي ناريجو جا ڪپڙا ليبارٽري ۾ چڪاس لاءِ جمع ڪرايا ويا آهن، جڏهن ته ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ ڪيس ۾ نامزد ڄاڻايل ٻن جوابدارن احسان سولنگي، حب علي ناريجو ۽ ٽن شڪي جوابدارن زاهد ميمڻ، شمشير بڙدي ۽ بشير ملاح جا جزا پڻ لمس جي ليبارٽري ۾ جمع ڪرايا ويا آهن. ايس ايڇ او مطابق گرفتار جوابدار احسان سولنگي ۽ حب علي ناريجو شاگرد کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي، واقعي جي هر رخ کان جاچ ڪري رهيا آهيون، ملوث جوابدارن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو.
