271

شرجيل خان جي فٽنيس واري معاملي تي پي سي بي جو يوٽرن

لاهور (ويب ڊيسڪ) شرجيل خان جي فٽنيس واري معاملي تي پي سي بي يوٽرن وٺي ڇڏيو آهي. هڪ سال اڳ پي سي بي جي چيف ايگزيڪيوٽو وسيم خان جو چوڻ هو ته شرجيل خان پابندي واري وقت ۾ پنهنجي فٽنيس جو معيار برقرار رکي نه سگهيو، قومي ٽيم ۾ واپسي لاءِ کيس ڊگهو سفر ڪرڻو پوندو، طئي ٿيل معيار تي پورو لهڻ جي صورت ۾ کيس غور هيٺ آندو ويندو. تازو پريس ڪانفرنس ۾ چيف سليڪٽر محمد وسيم خان جو چوڻ هو ته رڳو فٽنيس ئي سليڪشن جو معيار ناهي، رانديگر کي ڪرڪيٽ کيڏڻي هوندي آهي، اسان پهرين ئي فٽنيس جي معيارن تي نظرثاني لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ نئين پاليسي متعارف ڪرائي ويندي. هن چيو ته هلندڙ سال جي شروعات ۾ شرجيل خان جي فٽنيس بابت ڳالهه نه ڪئي هئي، ڇاڪاڻ ته سندس ڪارڪردگي ۾ تسلسل نه هو، پر هاڻي اسان پرفارم ڪندڙ هر رانديگر تي نظر رکنداسين، ڀلي انهن جي فٽنيس ڪهڙي به هجي، ها مان سمجهان ٿو ته شرجيل خان جي فٽنيس تي تمام گهڻو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، وقت سان گڏ بهتري ايندي پر هن وقت هو اسان کي وڏا مئچ کٽي ڏئي سگهي ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو