121

شرعي تعليم آهي ته ڪورونا کان پاڻ به بچو ۽ ٻين کي به بچايو: طاهر محمود اشرفي

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي خاص نمائندي حافظ طاهر محمود اشرفي عوام کي ڪورونا وبا کان بچڻ ۽ ٻين لاءِ احتياط جي اپيل ڪئي آهي. لاهور ۾ شب برات جي پروگرام کي خطاب ڪندي طاهر محمود اشرفي چيو ته هن رات انفرادي عبادت جو وڏو ثواب آهي، هتي ته ڪورونا ويڪسين تي به فتوائون ڏنيون پيون وڃن، ڏيڍ سال ۾ به ڪورونا جو خاتمو نه ٿي سگهيو آهي، هي بيماري الله پاران آهي ۽ اسان کي ڪورونا کان بچڻ لاءِ احتياط ڪرڻ گهرجي، شرعي تعليم جي تقاضا آهي ته پاڻ به بچو ۽ ٻين کي به بچايو، ڪورونا کان بچڻ لاءِ احتياط ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته رمضان المبارڪ ويجهو اچي رهيو آهي، ان ڪري واپاري ۽ ٻين شعبن جي ماڻهن کي گهرجي ته هو مهانگائي نه ٿيڻ ڏين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو