183

شهباز شريف ڪامياب ٿي ويو، دير سان ئي صحيح پر انصاف مليو: راڻا ثناءُ الله

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته دير سان ئي صحيح پر اڄ انصاف ته مليو ۽ شهباز شريف ڪامياب ٿيو آهي، مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت منظور ٿيڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته شهباز شريف کي اڄ انصاف ته مليو آهي پر دير سان مليو آهي، جڏهن ظلم وڌندو آهي ته اُهو مٽجي ويندو آهي، هن چيو ته جج هاڻ به قوم جي اُميد آهن، جيڪڏهن عدليه موجود نه هجي ته معاشرو افراتفري جو شڪار ٿي ويندو، راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته جڏهن اسان چيو هو ته اسان جي خلاف ظلم ٿي رهيو آهي ته ڪنهن به نه پئي مڃيو هاڻ جهانگير ترين پاڻ چئي رهيو آهي ته هن سان ظلم ٿي رهيو آهي، مسلم ليگ ن پنجاب جي صدر چيو ته پي ڊي ايم چونڊيل نه هئي هي حڪومت خلاف جدوجهد جو اتحاد هو اسان اميد ڪيون ٿا ته پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي گڏ رهنديون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو