7

شهباز شريف ۽ حمزه شهباز تي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ 14 مئي تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو

لاهور (م ڊ) لاهور جي اسپيشل جج سينٽرل ڪورٽ اعجاز الحسن اعواڻ وزيراعظم شهباز شريف ۽ پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز تي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ 14 مئي تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. رپورٽ موجب اسپيشل جج سينٽرل ڪورٽ اعجاز الحسن اعواڻ ايف آءِ اي پراسيڪيوشن جي درخواست تي لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي. عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته 11 اپريل تي ٻڌڻي بعد ايف آءِ اي اسپيشل پراسيڪيوٽر ٽرائيل ۾ دلچسپي نه هجڻ جي درخواست داخل ڪئي هئي. اسپيشل پراسيڪيوٽر چيو ته ڊي جي ايف آءِ اي جاچ آفيسر جي ذريعي وزيراعظم شهباز شريف جي خلاف پيش نه ٿيڻ جي لاءِ چيو آهي، شهباز شريف جي وزيراعظم ۽ حمزه شهباز جي پنجاب جي وڏي وزير ٿيڻ کانپوءِ پراسيڪيوشن کي پيش ٿيڻ کان روڪيو ويو آهي، اسپيشل پراسيڪيوٽر جي درخواست باوجود ٻڌڻي جاري رهندي، 14 مئي تي شهباز شريف ۽ حمزه شهباز تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو، عدالت وزيراعظم شهباز شريف، حمزه شهباز ۽ ٻين جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي هر صورت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو