43

شهباز شريف ۽ حمزه شهباز پيرول وارو مدو پورو ٿيڻ تي ڪوٽ لکپت جيل منتقل

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي 6 ڏينهن وارو پيرول جو مدو پورو ٿيڻ کان پوءِ ٻيهر ڪوٽ لکپت جيل منتقل ڪيو ويو آهي، ميڊيا رپورٽ مطابق پاڪستان مسلم ليگ جي صدر شهاز شريف ۽ پنجاب اسيمبلي جي ميمبر مخالف ڌر جي اڳواڻ  حمزه شهباز کي پيرول تي آزادي وارو مدو پورو ٿيڻ تي ڪوٽ لکپت جيل منتقل ڪيو ويو آهي، جيل وڃڻ وقت سندن حمايتي ڪارڪنن پنهنجي اڳواڻن جي حق ۾ ۽ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ٻنهي ڄڻن کي الڳ الڳ گاڏين ۾ نيو ويو، ان موقعي تي مريم نواز ٻنهي اڳواڻن کي الوداعي ملاقات به ڪئي،  ان موقعي تي پوليس جي طرفان سخت حفاظتي انتظام ڪيا ويا هئا جيل جي ريلوي ڦاٽڪ واري مک دروازي وٽ پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي هئي. ياد رهي ته شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پنجاب حڪومت طرفان بيگم شميم اختر جي لاڏاڻي کان پوءِ 27 ڊسمبر کان 5 ڏينهن جي پيرول تي آزاد ڪيو هو، جنهن کان پوءِ ٻنهي اڳواڻن جي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي هئي

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو