15

شهدادپور ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو، پيرسن ڏنڊا هڻي قتل، عورت مرڻينگ، ڇڪتاڻ

شھدادپور (ويب ڊيسڪ) شھدادپور شھر جي جلال نوناري پاڙي ۾ نوناري برادري جي ٻن ڌرين جهيڙو، پيرسن قتل، شھر جي جلال نوناري پاڙي ۾ نوناري برادري جي ٻن ڌرين جي مردن ۽ عورتن وچ ۾ سڱاوتي تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي ۾ ھڪ ٻئي مٿان لٺين ۽ سروٽن جو آزاداڻو استعمال ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 50 سالن جو رضا محمد نوناري مارجي ويو  ۽ ھڪ عورت صائمه نوناري زخمي ٿي پئي. مارجي ويل ۽ زخمي عورت کي سمس اسپتال شھدادپور آندو ويو، واقعي بعد ٻنھي ڌرين وچ ۾ ڇڪتاڻ ھلندڙ آھي، شھدادپور پوليس مارجي ويل رضا محمد نوناري جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري جاچ ڪري رھي آھي، جڏھن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آهي، واضح رهي ته زال مڙس ۾ جهيڙي تان ڌرين ۾ پراڻو تڪرار هلندڙ، ڪجهه مهينا اڳ به ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو، 15 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو