ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر شازيه عطا مري چيو آهي ته وزيراعظم جي ناڻي بابت صلاحڪار شوڪت ترين جو بيان مذاق ۽ نسوري ڪوڙ تي مبني آهي، ھو نالائق وزيراعظم عمران خان جي نااهلي تي پردو وجهي رھيو آھي، ھن چيو ته ناڻي بابت وزيراعظم جو صلاحڪار شوڪت ترين ڪورونا کي بهانو ڄاڻائي وڌندڙ مھانگائي تي عوام کي ڪوڙيون سمجھاڻيون ڏئي رھيو آهي. اھڙين ڳالهين جو اظهار ھن پنهنجي ھڪ جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي.، شازيا مري چيو ته نيازي جي سليڪٽڊ حڪومت کنڊ ۽ ڪڻڪ جو بحران پاڻ پيدا ڪيو آهي، سستي کنڊ ۽ ڪڻڪ برآمد ڪري وري درآمد ڪئي وئي، جڏهن ته زرعي ملڪ ۾ کنڊ ۽ ڪڻڪ جو مھانگو ھجڻ حڪومت جي نااهلي کي ثابت ڪري ٿو، ھن شوڪت ترين کان سوال ڪندي چيو ترين صاحب ڇا پيٽرول گئس ۽ بجلي جي قيمتن جو تعين به ڪورونا ڪري رھي آهي ۽ ڇا ايل اين جي خريداري ۾ دير جو ڪارڻ به ڪورونا آهي، ھن وڌيڪ چيو ته انساني زندگيءَ بچائيندڙ دوائن جو مھانگو ٿيڻ سان ڪورونا جو ڪھڙو تعلق آهي ؟ ـشازيه مري حڪومت تي طنز ڪندي چيو ته سرڪاري ملازمن جي پگھارن ۽ پينشن ۾ واڌ نه ڪرڻ ۾ به شايد ڪورونا جو قصور آھي.
