181

شيخوپوره جي علائقي ڪالاشاهه ڪاڪو ۾ فيڪٽري کي باهه، 3 پورهيت سڙي فوت

شيخوپوره (ويب ڊيسڪ) شيخوپوره  جي علائقي ڪالاشاهه ڪاڪو  ۾ فرنس آئل جي فيڪٽري کي باهه لڳڻ سبب 3 پورهيت سڙي فوت ٿي ويا آهن. رپورٽن مطابق ڪالاشاهه ڪاڪو ٽول پلازه ويجهو آهديان روڊ تي فرنس آئل جي فيڪٽري ۾ اوچتو باهه ڀڙڪي اٿي، جنهن سبب 3 پورهيت سڙي فوت ٿي ويا، اطلاع تي امدادي ٽيمن پهچي باهه تي ضابطو آڻڻ بعد سڙي ويل لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو