139

شيخوپوره ۾ مبينا پوليس مقابلو، 2 ڀائر مارجي ويا

شيخوپوره (ويب ڊيسڪ) شيخوپوره ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ 2 سڳا ڀائر مارجي ويا آهن. پوليس مطابق جوابدار پرويز ۽ جنيد احمد ڌاڙي دوران زيادتي جي ڪيس ۾ حراست هيٺ هئا، گذريل ڏينهن سندن ساٿين پوليس تي حملو ڪري کين ڇڏائي ورتو هو. ڊي پي او مبشڪر ميڪن جوابدارن جي فرار ٿيڻ تي هڪ سب انسپيڪٽر ۽ 4 ڪانسٽيبلز کي معطل ڪري سندن خلاف ڪيس داخل ڪيو هو. پوليس مطابق گذريل رات دير سان اعوان ڀٽيان ناڪي تي پوليس جوابدارن کي روڪيو ته انهن فائرنگ ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾ 2 جوابدار مارجي ويا، جن جي سڃاڻپ ٿاڻي مان فرار ٿيندڙ ٻن ڀائرن پرويز ۽ جنيد احمد طور ٿي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو