شڪارپور (ويب ڊيسڪ) شڪارپور ۾ زمين جي معاملي تان هٿياربندن جو ڪانٽي تي حملو، واپاري جو منشي گوليون هڻي قتل، پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي، مقتول جو لاش رکي ٻن هنڌن تي ڌرڻا، چئن ڪلاڪن تائين انڊس هاءِ وي بلاڪ، اي ايس پي جي خاطري بعد ڌرڻو ختم، هڪ جوابدار گرفتار، شڪارپور شھر جي اسٽورٽ گنج ٿاڻي جي حد اناج منڊي واري علائقي ۾ زمين جي معاملي تان موٽر سائيڪل سوار ٽن هٿياربندن واپاري پوڪر داس جي ايس ڪي ڪانٽي تي حملو ڪري هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا جنهن دؤران گوليون لڳڻ سبب اتي موجود سندس منشي شنڪر لعل ولد سندر لعل سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي سول اسپتال آندو ويو جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻيءَ حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ ضروري ڪارروائي بعد مقتول جو مڙھ وارثن حوالي ڪيو جن لاش سميت ڪجھه وقت جھاز چوڪ تي ڌرڻو ھڻڻ بعد انڊس هاءِ وي جيل چورنگي وٽ پهچي ڌرڻو هڻي چئن ڪلاڪن تائين سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب ويندڙ ٽريفڪ بند ڪري ڇڏي، ان موقعي تي سندس وارثن روي ڪمار ۽ ٻين جو چوڻ هو ته شنڪر لعل کي بي ڏوھ قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو ويو آھي جنهن جا قاتل گرفتار ڪري سندس خون سان انصاف ڪيو وڃي، هوڏانهن ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ ايس ايس پي شڪارپور ڪامران نواز پنجوٿا پهتو جتي مظاهرين روڊ کولڻ کان انڪار ڪندي کيس واپس ڪري ڇڏيو،جنهن کانپوءِ اي ايس پي سٽي سيد فاضل شاھ پهچي کائن ٽن ڏينهن جي مهلت بعد ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو،ان موقعي تي اي ايس پي سٽي جو چوڻ ھو ته واقعي ۾ ملوث هڪ مک جوابدار کي گرفتار ڪيو آھي باقي جوابدارن کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو جنهن بعد سندس وارثن لاش جو اگني سنسڪار ڪرڻ بعد سنڌو درياءَ حوالي ڪري ڇڏيو،جڏھن تہ خبر فائيل ٿيڻ تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو، هوڏانهن پوليس پاران شنڪر لعل قتل واري واقعي ۾ ملوث هڪ جوابدار احمد خان گوپانگ کي گرفتار ڪري لاڪ اپ حوالي ڪري ڇڏيو آھي جنهن سندس قتل جو اعتراف پڻ ڪري ورتو آھي. جڏھن ته واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو.
