50

شڪيلا شر جي اغوا واري معاملي نئون رخ اختيار ڪري ورتو، ناري پاران مظهر لاشاري سان پيار پرڻو

فقيرآباد (ن سوڀ) شڪيلا شر جي اغوا واري مامري  نئون  رخ اختيار ڪري ورتو آهي، ناري شڪيلا شر مظھر علي لاشاري سان حيدرآباد جي عدالت ۾ پيار پرڻو ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته خيرپور پوليس شڪيلا شر سان پسند جي شادي ڪندڙ نوجوان سميت 3 ڄڻن مٿان اغوا جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ فقيرآباد ۾ جوڙي جان جو خطرو ڄاڻائيندي ميڊيا اڳيان  دانهيندي چيو ته ڪجھه عرصو اڳ اسان ٻنهي  جي مائٽن  جي رضا خوشي ۾ اسان جي مڱڻي ٿي هئي جڏهن شادي جون تياريون ڪيون ته ناري جي وارثن اسان جي شادي ۾ اعتراض  ڪيو جنهن بعد اسان گهران نڪري حيدرآباد جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪيو آھي، هاڻي ناري جو والد ۽ سندس ڏوهاري ساٿي اسان جي جان جا ويري بڻجي ويا آھن ۽ اسان کي مارڻ لاءِ اسان پويان هٿ ڌوئي پئجي ويا آھن ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي حراسان ڪيو پيو وڃي. ناري شڪيلا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مون کي ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو. هنن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪندي مطالبو ڪيو آھي ته سندس ڪوڙا ڪيس ختم ڪري تحفظ فراهم ڪري انصاف ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو