12

صدارتي ريفرنس سياسي معاملوآهي، حڪومت پارليامينٽ سان رابطو ڪري: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) سپريم ڪورٽ چيو آهي ته صدارتي ريفرنس ۾ اٿاريل سوال قانوني ۽ مقصد اخلاقي پر معاملو سياسي آهي، حڪومت پارلياميٽ سان رابطو ڪري. حڪومت عدالت کان راءِ ڇو گهري رهي آهي؟ عدالت اهڙا ريمارڪس اربعا ڏينهن سينيٽ جي چونڊ جي طريق بابت سپريم ڪورٽ جي راءِ وٺڻ لاءِ داخل ٿيل صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي تي ڏنا. ريفرنس جي ٻڌڻي چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 5 ڄڻن واري بينچ ڪئي. جنهن ۾ جسٽس اعجازالاحسن، جسٽس عمرعطا بنديال ۽ جسٽس يحيٰ آفريدي پڻ شامل هئا. ٻڌني دوران بلوچستانج ي حڪومت جو جواب پڻ داخل ڪرايو ويو، جنهن ۾ بلوچستان حڪومت به سينيٽ جي چونڊ کليل ووٽنگ ذريعي ڪرائڻ جي حمايت ڪري ڇڏي آهي. ان کان اڳ خيبر پختونخوا جي حڪومت پڻ ان ئي طريقي جي حمايت ڪري چڪي آهي. ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته صدارتي ريفرنس ۾ اٿاريل سوال قانوني ۽ مقصد اخلاقي پر معاملو سياسي آهي، حڪومت عدالت کان راءِ ڇو  گهري رهي آهي؟ پارلياميٽ سان رابطو ڪري. اٽارني جنرل آف پاڪستان خالد جاويد خان دليل ڏيندي چيو ته چونڊيل نمائندن جي ڳالهه آهي ان ڪري عدالت کي هي معاملو سياسي لڳي رهيو آهي، ميمبرن جي نا اهليءَ کان وڌيڪ سياسي معاملو نه آهي،  حڪومت سپريم ڪورٽ کان راءِ وٺڻ آئي آهي، عدالت جيڪا به راءِ ڏيندي ان تي فيصلو پارليامينٽ ئي ڪندي،  عدالت آرٽيڪل 226 جي تشريح ڪري. جسٽس اعجازالاحسن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 226 ۾ چٽو آهي ته وزيراعظم ۽ وڏي وزير کان سواءِ باقي سموريون چونڊون ڳجهي ووٽنگ سان ٿينديون، ماڻهو اميدوار کي نه پر پارٽي کي ووٽ ڏين ٿا، چونڊيل نمائندي کي عوام ۽ پارٽي سربراهه آڏو جواب ڏيڻو آهي، ڳجهي ووٽنگ ۾ پارٽي پاليسي جي ابتڙ ووٽ ڏيڻ بي ايماني ٿيندي. اٽارني جنرل آف پاڪستان خالد جاويد خان چيو ته  عام شهري جنهن کي به چاهي ووٽ ڏئي سگهي ٿو پرايم پي اي نه،  جيڪڏهن ايم پي اي پنهنجي مرضيءَ موجب ڪنهن کي ووٽ ڏيندو ته پارٽي ڪيئن هلندي. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته پارٽي ڊسپلين جي پابندي رڳو  وزيراعظم جي چونڊ ۽ بجٽ تي ئي آهي. چيف جسٽس گرزار احمد چيو ته  آرٽيڪل 226 لاڳو ٿئي ته پوءِ مخصوص سيٽن تي چونڊون ٿي ئي نه ٿيون سگهن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون اليڪشن قانون هيٺ ٿين ٿيون. عدالت ان موقعي تي ڪيس جي ٻڌڻي ٻي ڏينهن ( اڄ) تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو