229

صدر عارف علوي چين جي دفاع واري وزير کي نشان امتياز (ملٽري) سان نوازي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چين جي دفاع واري وزير وي فنگ هي کي نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪيو. معزز مهمان کي ايوان صدر ۾ پروقار تقريب ۾ ان اعزاز سان نوازيو ويو. تقريب ۾ دفاع وارو وفاقي وزير پرويز خٽڪ، وزيراعظم جو قومي سلامتي معاملن وارو خاص معاون معيد يوسف، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف آرمي اسٽاف ڪميٽي جنرل نديم رضا، ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن سميت اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. معزز مهمان کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن خاص طور تي دفاعي شعبي ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار تي اهو اعزاز ڏنو ويو آهي. چين جي دفاع وارو وزير ان کان اڳ اهم دفاعي عهدن تي رهيو. هو پاڪستان جو مخلص ۽ ويجهو دوست آهي. هن پاڪستان ۽ چين جي هٿياربند فوج جي وچ ۾ دفاعي لاڳاپا مستحڪم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو