اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي قومي اسيمبليءَ جو اجلاس ڇنڇر جي شام طلب ڪري ورتو آهي. رپورٽن مطابق صدر مملڪت قومي اسيمبليءَ جو اجلاس ڇنڇر ڏهاڙي شام جو 4 وڳي طلب ڪري ورتو آهي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان سينيٽ چونڊن کانپوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي ايوان مان اعتماد جو ووٽ وٺندو.
