109

صورتحال تي صوبن کي اعتماد ۾ نه پيو ورتو وڃي، پرامن احتجاج ڪندڙن کي نه روڪيند اسين: مراد علي شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت پرامن طريقي سان احتجاج ڪندڙن کي نه روڪيندي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته پنج ڇهه ڏينهن اڳ معاملو شروع ٿيو ته اسان کي دير سان خبر پئي، صوبن کي صورتحال تي اعتماد ۾ نه پيو ورتو وڃي، ان ڪري صوبن کي اعتماد ۾ ورتو وڃي، اسٽيڪ هولڊرز کي اعتماد ۾ وٺي ئي بهتر حل ڏانهن وڃي سگهون ٿا. هن چيو ته ڪالهه لاهور ۾ جيڪو ٿيو ان جي رد عمل ۾ مفتي منيب ملڪ ۾ ڦيٿا روڪ هڙتال جو اعلان ڪيو، اسان رات کان ئي سڀني سان رابطي ۾ رهياسين، جيڪڏهن ڪير پنهنجي مرضي سان دڪان، ٽرانسپورٽ بند ڪري ته ان کي اجازت آهي، اسان پرامن طريقي سان احتجاج ريڪارڊ ڪرائڻ کي نه روڪينداسين، پر امن امان جي صورتحال پيدا ٿي ته حفاظتي بندوبست ڪنداسين. سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته منهنجو مشورو آهي وفاقي حڪومت اهڙي شئي نه ڪري جيڪا ممڪن نه هجي ان ڪري حڪومت کي مشورو آهي ته وقتي فائدي لاءِ وڏي تڪليف ۾ نه وجهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته خورشيد شاهه جيل ۾ آهي، ڊيل وغيره جي ڪا ڳالهه نه آهي، پيپلز پارٽي ڪيس کي منهن ڏئي رهي آهي،  جڏهن ته باقي ٻين کي ته ڪجهه نه ڪجهه رليف ملي پيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو