ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ته اسڪول بند ڪرڻ جو سوچي سگهجي ٿو، منهنجي راءِ آهي ته اهڙا تعليمي ادارا جتي ڪورونا ڪيس گهٽ هجن انهن کي کليل رهڻ ڏنو وڃي. نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي صوبائي وزير سعيد غني وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ڪالهه تائين ڪورونا جي شرح 3 سيڪڙو کان گهٽ رهي ۽ تعليمي ادارن ۾ ڪورونا جي شرح 2.8 آهي. هن چيو ته منهنجي راءِ آهي ته اهڙا تعليمي ادارا جتي ڪورونا ڪيس گهٽ هجن انهن کي کليل رهڻ ڏنو وڃي، حالتن کي نظر ۾ رکندي صوبي ۾ ڪيترائي ڀيرا تعليمي پلان کي تبديل ڪيو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ ڪورونا جي صورتحال گهڻي خراب ناهي، صوبي ۾ اسڪول بند ڪرڻ جو ڪو فيصلو ناهي ڪيو، جيڪڏهن صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ته اسڪول بند ڪرڻ جو سوچي سگهجي ٿو.
