20

طالبان جيڪو ڪجهه به ڪن پيا ان سان اسان جو ڪو واسطو نه آهي، پاڪستان کي عسڪري ادارا نه پيا ڪنٽرول ڪن: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته طالبان جيڪو ڪجهه به ڪن پيا ان سان اسان جو ڪو واسطو نه آهي، پاڪستان کي عسڪري ادارا نه پيا ڪنٽرول ڪن. افغان صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته اسان رڳو افغانستان ۾ امن امان چاهيون ٿا، طالبان سان اسان جو ڇا وڃي. اسان جو طالبان سان جو ڪو به واسطو نه آهي، اسان رڳو افغانستان ۾امن چاهيون ٿا، پاڪستان طالبان کي افغان حڪومت سان ڳالهين لاءِ راضي ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون، ڪو به ملڪ پاڪستان جي اهڙي ڪوششن جي برابري نٿو ڪري سگهي. ڪجهه طالبان اڳواڻن جي خاندانن جي هتي رهائش هئڻ جي ڪري ئي اسان طالبان کي ڳالهين تي مجبور ڪري سگهندا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته جيڪڏهن توهان کي لڳي ٿو ته طالبان کي افغانستان ۾ حڪومت نه ملڻ گهرجي ته آمريڪي حمايت سان جنگ کي جاري رکو. اسان ان ڳالهه تي يقين رکون ٿا ته افغانستان کي هاڻي ٻاهران ويهي ڪنٽرول نٿو ڪري سگهجي، افغانين جي تاريخ رهي آهي ته اهي سدائين آزادي پسند رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ اهو غلط تاثر آهي ته پاڪستان کي عسڪري ادارا ڪنٽرول ڪندا آهن، فوج منهنجي حڪومت جي هر قدم جي حمايت ڪري رهي آهي، افغانستان ۾ حالتن جو ذميوار  پاڪستان کي قرار ڏيڻ افسوسناڪ جوڳو عمل آهي. عمران خان وڌيڪ چيو ته شروع کان وٺي اسان جو اهو ئي موقف رهيو آهي ته افغان مسئلي جو حل ويڙهه نه آهي. دنيا جي عظيم فوجي اتحاد نيٽو کي ڏيڍ لک فوج  سان به  افغانستان ۾ ناڪامي ملي. هن ڇيو ته اسان اهو چٽن لفظن ۾ چئي چڪا آهيون ته اسين فوجي ڪاررواين جي ڪڏهن به حمايت نه ڪنداسين. ماضي ۾ آمريڪا اسان تي دٻاءُ وجهندو رهيو ته اتر وزيرستان ۾ طالبان جا ٺڪاڻا موجود آهن، آخرڪار اسان اتي ڪارروائي ڪئي جنهن سبب ڏهه لک ماڻهو اتر وزيرستان مان بي گهر ٿي ويا. هن چيو ته پاڪستان ۾ لکين افغان مهاجر آباد آهن، اسان انهن ۾ طالبان ڪيئن ٿا ڳولهي سگهون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته افغان سفير جي ڌيءَ جي بيانن ۽ جانچ ۾ سامهون آيل ڳالهيون هڪ ٻي جي ابتڙ آهن. افغان سفير جي ڌيءَ پاڻ ٽيڪسين ۾ ويٺي، افغانستان مان هڪ ٽيم اچي رهي آهي سموري صورتحال کان انهن کي آگاهه ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت 5 آگسٽ تي يو اين جي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ هڪ طرفي طور ڪشمير جي حيثيت تبديل ڪري ڇڏي، ڀارت ڪشميرين تي ظلم ۽ ڏاڍ جون نئون دور شروع ڪري ڇڏيو آهي، 5 آگسٽ واري فيصلي جي واپسي تائين ڀارت سان ڪنهن به قسم جون ڳالهيون نه ٿينديون. ڀارت امن جي خلاف آهي ڇو ته اهو آر ايس ايس نظريي تي هلي پيو، آر ايس ايس ڀارت ۾ اقليتن سان خراب رويو اختيار ڪندي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو