ڪابل (ويب ڊيسڪ) طالبان جي باني ملا عمر جي هڪ وڌيڪ تصوير ظاهر ٿي آهي، رپورٽ مطابق افغان نشرياتي اداري طالبان جي باني ملا عمر جي هڪ وڌيڪ تصوير سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽوئيٽر تي ظاهر ڪري ڇڏي آهي، شيئر ڪيل تصوير ۾ ملا عمر کي مٿي تي عمامو پاتل آهي ۽ سورمائي رنگ جا ڪپڙا پاتل آهن.
