ليکڪ: سليم صافي
آمريڪي فوجن پاران افغانستان ڇڏي وڃڻ ۽ پوري افغانستان تي طالبان جي قبضي کانپوءِ صورتحال هڪدم تبديل ٿي وئي آهي، آمريڪا جو امتحان ختم ۽ طالبان جو شروع ٿي چڪو آهي، ڪالهه تائين افغانستان ۾ استحڪام آڻڻ، عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ شهرين لاءِ ماني، ڪپڙي، گهر، تعليم ۽ صحت جو انتظام ڪرڻ آمريڪا يا اشرف غني حڪومت جي ذميواري هئي، جڏهن ته عدم استحڪام پيدا ڪرڻ واري انتهائي آسان ذميواري طالبان ۽ انهن سان همدردي رکندڙ ملڪن جي هئي. موجوده تبديل ٿيل حالتن ۾ سياسي استحڪام قائم ڪرڻ، ملڪ ۾ امن امان بحال ڪرڻ، شهرين لاءِ ماني، ڪپڙي، گهر، صحت ۽ تعليم جو انتظام ڪرڻ وارا ڏکيا ڪم طالبان ۽ سندن همدرد ملڪن جي ذميواري بڻجي ويا آهن، طالبان ڊسپيلين ۽ قربانيءَ جي جذبي سبب اشرف غني حڪومت کان گهڻا اڳتي آهن، انهن جي صفن ۾ ايتري ڪرپشن ناهي جيتري اڳوڻين حڪومتن جي دوران ٿي رهي هئي، ان حوالي سان طالبان جو پلڙو گهڻو ڳرو آهي پر کين هاڻ به اهڙن چئلينجن کي منهن ڏيڻو آهي جن کي منهن ڏيڻ شير کي پڃري ۾ وجهڻ جي برابر آهي، سندن 20 سال جنگ ۾ گذريا آهن ۽ حڪمران لاءِ اڃا سندن ڪا به تياري نه هئي، ظاهر آهي ته جنگ ۽ حڪمراني 2 الڳ الڳ ڪم آهن، طالبان آڏو پهريون چئلينج ته حڪومت سازي جو آهي ۽ ان ڏس ۾ کين پهرين فرست ۾ گهرو اختلافن تي ڪنٽرول ڪرڻو پوندو، جن جي ڪري حڪومت سازيءَ ۾ دير ٿي، هونئن ته سڀ طالبان ملا هيبت الله جي قيادت تي متفق آهن پر هڪ غير مرئي سياسي ۽ انتظامي (عسڪري) ورهاست موجود آهي، ڪجهه طالبان اڳواڻ سياسي محاذ تي انتهائي اهم پر جنگي ميدان ۾ سندن حيثيت ڪا ذڪر لائق نه آهي، جڏهن ته ڪجهه ماڻهو جنگي محاذ تي اهميت وارا هئا پر سياسي محاذ تي سندن نالو گهڻو نمايان نه آهي. ان ڪري وڏو چئلينج ان ٻن قسمن جي چهرن کي هڪ ئي حڪومت ۾ پروئڻ ۽ مطمئن ڪرڻ آهي، اهڙي طرح هڪ چئلينج اهو به آهي ته افغانستان جي ڏکڻ، اوڀر ۽ اتر جي وچ ۾ توازن ڪيئن پيدا ڪيو وڃي؟ طالبان جي گهڻي قيادت جو تعلق قنڌار (جنهن کي پشتو ۾ لوئي قنڌار چون ٿا، جنهن جو مطلب صرف قنڌار صوبو نه پر ان سان لاڳاپيل ڏکڻ ۽ مشرق جا سمورا صوبا آهن) سان آهي، ٻئي طرف سراج الدين حقاني ۽ ان جي نيٽ ورڪ جو مزاحمت ۾ اهم ڪردار رهيو ۽ هو وڏي پڪتيا ( جنهن کي پشتو ۾ لويا پڪتيا چون ٿا، ان جي مراد پڪتيا ۽ ان سان لاڳاپيل اولهندا صوبا آهن) جي قيادت ڪري رهيو آهي.ڪابل جو ڪنٽرول به شروع ۾ سراج الدين جي حقاني جي بدري فورس (بدري فروس جنگ ۾ جان جي قرباني ڏيندڙ سندس ڀاءُ بدر الدين حقاني جي نالي سان منسوب آهي) سنڀاليو، ان ڪري هڪ وڏو چئلينج اهو به آهي ته پڪتيا ۽ قنڌار جي وچ ۾ توازن ڪيئن آندو وڃي؟ حڪومت سازي جي معاملي ۾ هڪ ٻيو وڏو چئلينج اهو آهي ته رڳو مغرب نه پر پاڪستان، ايران، وچ ايشيائي رياستن ۽ روس جو مطالبو اهو آهي ته انڪليوسو (سڀني تي ٻڌل جامع) حڪومت ٺاهي وڃي، جنهن ۾ تاجڪ، ازبڪ، هزاره، عورتون ۽ اڳوڻي حڪومت جي اهم ماڻهن کي نمائندگي ڏني وڃي پر طالبان جي صفن ۾ موجود هڪ وڏو طبقو اهو سمجهي ٿو ته اسان انهن ماڻهن کي پاڻ سان حڪومت ۾ ڇو ويهاريون، جن سان 20 سال وڙهيا آهيون، ٻيو مسئلو اهو به آهي ته حامد ڪرزئي گلبدين حڪمت يار ۽ عبدالله عبدالله جهڙا ماڻهو هاڻ ننڍا عهدا نٿا وٺي سگهن، جڏهن ته وڏا عهدا انهن کي طالبان ڏئي نٿا سگهن. هڪ ٻيو مسئلو اهو به آهي ته هاڻ طالبان جي صفن ۾ پنهنجا فيوريٽس آهن، پاڪستان جا پنهنجا، روس جا پنهنجا، تاجڪستان جا پنهنجا ۽ قطر جا پنهنجا، ڪجهه کي ته آمريڪين به پنهنجي ويجهو ڪري ورتو آهي، هاڻ جيڪڏهن هڪ جي فيوريٽ کي اهم عهدو ملي ٿو ته ٻئي ملڪ کي اعتراض ٿئي ٿو ۽ ٻئي کي ملي ٿو ته پهريون اعتراض ڪري ٿو، ان ڪري ڪنهن به پاڙيسري ملڪ کي هن مرحلي تي ناراض ڪرڻ طالبان لاءِ خطري کان خالي ناهي. هڪ ٻيو چئلينج اهو به آهي ته طالبان جا ڪيترائي اڳواڻ جن ۾ عبدالقيوم ذاڪر ۽ سراج الدين حقاني جهڙا ماڻهو شامل آهن، اڃا به آمريڪا ۽ گڏيل قومن جي بليڪ لسٽ ۾ شامل آهن، طالبان جا اهي درجنين اڳواڻ آمريڪا جي مرضي کانسواءِ بليڪ لسٽ مان نڪري نٿا سگهن، آمريڪا هاڻ کان ئي افغانستان جي 9 ارب ڊالرن جا اثاثا بند ڪري ڇڏيا آهن، هاڻ طالبان جيڪڏهن آمريڪا جا مطالبا مڃين ٿا ته سندن جنگي ماڻهن لاءِ اهي قبوليت جوڳا ناهن، جڏهن ته سندن ڪجهه مطالبا چين، روس، ايران ۽ شايد پاڪستان جي مفادن جي خلاف به هوندا پر جيڪڏهن نٿا ڪن ته سندن حڪومت کي اقتصادي پابندين کي منهن ڏيڻو پوندو، اقتصادي حوالي سان ڪنهن حد تائين آمريڪا جو متبادل چين، روس، ايران ۽ پاڪستان ٿي سگهن ٿا پر اهي سڀئي ملڪ به غير مشروط طور تي طالبان جي حڪومت تسليم ڪرڻ ۽ ان جو معاشي بار کڻڻ لاءِ تيار ناهن. چين جو مطالبو آهي ته طالبان پهرين فرصت ۾ ايسٽ ترڪستان اسلامڪ موومينٽ (اي ٽي آءِ ايم) جو صفايو ڪن، روس ۽ وچ ايشيا رياستن جو مطالبو آهي ته اسلامڪ موومينٽ آف ازبڪستان، داعش ۽ منشيات جو خاتمو آندو وڃي، پاڪستان ٽي ٽي پي بابت اهو مطالبو ڪر يرهيو آهي، جڏهن ته ايران جا مطالبا ۽ اميدون شيعا ڪميونٽي بابت آهن. ٻئي طرف طالبان چاهين به ته فوري طور تي انهن تنظيمن خلاف ڪارروائي ڪري نٿا سگهن، هو واعدو ڪري رهيا آهن ته پنهنجي سرزمين کي ڪنهن جي خلاف استعمال ڪرڻ نه ڏيندا، پر پاڙيسري ملڪ پنهنجي پنهنجي دشمنن جي حوالي سان تڪڙ ۾ آهن، صورتحال هاڻ اها آهي ته طالبان نه ته پاڪستان کي نظرانداز ڪري سگهن ٿا، نه ايران، نه چين ۽ نه روس يا وچ ايشيائي رياستن کي، پر ٻئي طرف مسئلو اهو آهي ته هو انهن ماڻهن خلاف هن مرحلي تي طاقت جو استعمال ڪيئن جيڪي هن 20 سالن واري جنگ ۾ ساڻن ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي وڙهندا رهيا آهن.هڪ ٻيو چئلينج اهو آڏو آهي ته گذريل 20 سالن ۾ افغان سوسائٽي ڪافي تبديل ٿي وئي آهي، آمريڪي پاڻ سان گڏ جيڪي کربين ڊالر کڻي آيا هئا، ان مان گهڻو حصو جنگ تي خرچ ٿيو يا ڪرپشن جي ور چڙهيو پر ان باوجود عام ماڻهو تائين اهو پئسو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ منتقل ٿيو، افغانستان جي شهرن ۾ اقتصادي سرگرميون وڌي ويون هيون، هر ملٽي نيشنل فوڊ چين جي برانچ ڪابل ۾ موجود هئي، جيئن به هئا پر افغان شهري ۽ خاص ڪري وڏن شهرن جا رهواسي معاشي لحاظ کان خوشحال زندگيءَ جا عادي ٿي ويا هئا، ٻئي طرف موبائل فون، ٽي وي چئنلن ۽ مغرب دنيا سان ربط ۽ ضبط جي ڪري نئون افغان نسل معاشرتي حوالن سان به فوري طور تي تبديل ٿي ويو آهي، طالبان ان نئين نسل کي پنهنجي معاشرتي ڍانچي ۾ شامل ڪن ٿا ته اهي ملڪ کان ڀڄندا يا وري ڪنهن نه ڪنهن مرحلي تي بغاوت جو رستو اختيار ڪندا پر جيڪڏهن پنهنجي پاليسين کي انهن جي ۽ عالمي برادري جي سانچي ۾ آڻين ٿا ته سندن صفن ۾ بغاوت جو خطرو آهي. ان ڪري انهن ٻن انتهائن جي وچ ۾ توازن قائم ڪرڻ ۽ ٻنهي ڌرين کي مطمئن ڪرڻ به طالبان لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي.