ڪراچي(ويب ڊيسڪ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قائداعظم اڪيڊمي ڪراچي جو دورو ڪيو آهي. صدر کي اداري جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي صدر لائبريري ۾ موجود پراڻا ڪتاب ۽ ڪيٽلاگ ڊجيٽلائيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته تحقيقاتي ڪم ۽ نون ريسرچرز جي مقرري جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. صدر کي ٻڌايو ويو ته اداري پاران 80 ڪتاب ڇپايا ويا آهن، صدر اداري جي لائبريري جو به دورو ڪيو.
