49

عالمي برادري ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ عورتن تي منظم تشدد جي خاتمي لاءِ قدم کڻي: پاڪستان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان عالمي برادريءَ تي زور ڀريو آهي ته هو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ عورتن تي منظم تشدد جي خاتمي لاءِ قدم کڻي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ منظم تشدد ۽ اجتماعي زيادتي جا واقعا يو اين ۾ انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر سميت ڪيترن ئي آزاد ڪميشنز، انساني حقن جي تنظيمن، عالمي ميڊيا ۽ سول سوسائٽيءَ جي تنظيمن دستاويزي شڪل ۾ جاري ڪيا آهن. ترجمان چيو ته اڄ اسان 23 فيبروري 1991ع تي والاريل ڪشمير جي ڳوٺ ڪنن ۽ پوش پوره ۾ ڪشميري عورتن جي اجتماعي زيادتيءَ جي المناڪ واقعن کي ياد ڪري رهيا آهيون، اهو بدقسمت ڏينهن عالمي برادريءَ جي اجتماعي يادداشت تي هڪ ڪاري داغ مثل آهي. ترجمان چيو ته ذميوارن جي احتساب جي فقدان ۽ متاثرن لاءِ انصاف جي عدم دستيابيءَ سبب ڀارت اڃا به انساني حقن ۽ قانون جي حڪمراني جي خلاف ورزين جو سلسلو برقرار رکيو آهي. ڀارت اڃا به پنهنجي غير قانوني قبضي هيٺ علائقي ۾ زيادتي، تشدد ۽ ڪشميري عورتن جي قتل کي رياستي دهشتگرديءَ جي اوزار طور استعمال ڪري رهيو آهي. ترجمان چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جي غير قانوني هڪ طرفي قدمن کانپوءِ ڀارتي فورسز طرفان ڀارتي ڏوهن ۾ وڌيڪ تيزي آئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو