ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ واقع آمريڪي قونصل خاني طرفان 6 ڊسمبر تي ملهائجندڙ سنڌي ثقافتي ڏهاڙي جي مناسبت سان خصوصي وڊيو پيغام جاري ڪيو ويو آهي، وڊيو پيغام ۾ آمريڪي قونصل جنرل ۽ ٻين کي سنڌ جو ثقافتي ويس پهريل آهي، پنهنجي بيان ۾ آمريڪي قونصل جنرل ۽ ٻين آمريڪي عملدارن شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي شعر ”سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار، دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين“ جي دعا سان سنڌي قومي کي ثقافتي ڏهاڙي جون خصوصي واڌايون پيش ڪيون آهن ۽ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.
