46

عدالتي فيصلو پي ڊي ايم جي اخلاقي ۽ قانوني فتح آهي، صدر مملڪت هاڻي آرڊيننس فيڪٽري بند ڪري: سيد ناصر حسين شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي اڳواڻ ۽ اطلاعات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه جو چوڻ آهي ته سينيٽ چونڊن بابت صدارتي ريفرنس تي سپريم ڪورٽ جي راءِ کانپوءِ هاڻي صدر مملڪت آرڊيننس فيڪٽري بند ڪري. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه جو چوڻ هو ته نااهل ۽ سليڪٽيڊ حڪمرانن کي هڪ ڀيرو ٻيهر قانوني محاذ تي شڪست ملي آهي، عدالتي فيصلو پي ڊي ايم جي اخلاقي ۽ قانوني فتح آهي. سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جي راءِ جي آجيان ڪريون ٿا، حڪمرانن جي ضد نه رڳو عدالتن جو وقت تباهه ڪيو پر قوم کي به پريشان ڪيو، اليڪشن ڪميشن جي اين اي 75 واري فيصلي سان به مخالف ڌر جي موقف جي فتح ٿي، آئين ۽ قانون مطابق فيصلن سان ملڪ مضبوط ۽ مستحڪم ٿيندو. هن چيو ته ايوان صدر جي ساک کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، هاڻي صدر مملڪت به آرڊيننس فيڪٽري بند ڪري، ڇاڪاڻ ته صدر مملڪت جا جاري ڪيل آرڊيننس قانوني ناهن هوندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو