5

عدالت پاران پوليس کي مسجد نبوي صه واقعي تي ڪيس داخل نه ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله مسجد نبوي صه واقعي تي پي ٽي آءِ اڳواڻن فواد چوڌري، قاسم سوري ۽ شهباز گل جي داخل ڪيل درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. فواد چوڌري پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته مارشل لا به رهي پر ڪنهن به حڪومت توهين مذهب قانون کي ائين استعمال نه ڪيو. هن چيو ته گهرو وزير جي باري ۾ ڪجهه نٿو چوان پر قانون واري وزير تي حيرت ٿي رهي آهي، جنهن تي جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته سياسي قيادت ئي سوسائٽي ۾ تبديلي ۽ صبر آڻي سگهي ٿي، مذهب کي سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪرڻ خود توهين مذهب آهي، ائين 2018ع ۾ ٿيو هو ۽ اڳ ۾ به ٿيندو رهيو آهي، اهو بنيادي حقن جي سنگين ڀڃڪڙين مان هڪ آهي. چيف جسٽس ڌرين جي دليلن کانپوءِ پوليس کي مسجد نبوي صه واقعي تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو