بغداد (ويب ڊيسڪ) عراق جي صوبي الانبار مان دهشتگرد گروپ داعش جي باقيات جو صفايو ڪرڻ لاءِ حشد الشعبي وڏي ڪاروائي ڪندي داعش جي ڪيترن ئي ڳجهن ٺڪاڻن جو پتو لڳائي انهن ۾ موجود هٿيارن ۽ گولا بارود کي ضبط ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽن مطابق عراق ۾ عوامي رضاڪار فورس الحشد الشعبي الانبار صوبي جي علائقي بحيره الثرثار ۾ هڪ وڏي فوجي ڪارروائي ڪندي داعش جي هٿيارن جي هڪ گودام ۽ ديالا صوبي ۾ داعش جي هڪ ڳجهي ٺڪاڻي کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ وٺي ڇڏيو آهي. ٻئي پاسي گذريل 48 ڪلاڪن دوران عراق جي مختلف علائقن ۾ عراقي فوج جي ڪارروائي ۾ داعش جي دهشتگردن جا ڪيترائي ٺڪاڻا تباهه ۽ 20 دهشتگرد مارجي ويا. الحشد الشعبي پنهنجي هڪ بيان ۾ اولهه الانبار ۾ داعش جا باقيات ۽ بچيل عنصرن جي مڪمل خاتمي تائين آپريشن جاري رکڻ جو عزم ظاهر ڪيو آهي.
