ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي جي شاگرد عرفان جتوئي جي عدالت کان مٿانهين قتل واري معاملي تي سيشن ڪورٽ ڄامشورو ۾ پٽيشن داخل ڪرائي وئي آهي. مقتول شاگرد عرفان جتوئي جي ڀاءُ غلام نبي جتوئي واقعي جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ عدالت پهتو، جنهن ايڊووڪيٽ شاهد سومرو جي معرفت سيشن ڪورٽ ڄامشورو ۾ پٽيشن داخل ڪرائي. داخل ڪرايل درخواست ۾ ايس ايس پي سکر عرفان سمون، ايس ايڇ او هٽڙي سيد نثار شاھ ۽ ايس ايڇ او ڄامشورو اسد علي پرهياڙ سميت 9 پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ايس ايڇ او هٽڙي سيد نثار شاهه ۽ ڄامشورو اسد پرهياڙ ڀاءُ کي 10 فيبروري تي هاسٽل تان اغوا ڪيو، جنهن بعد ايس ايس پي عرفان سمي کيس ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو. درخواستگذار مطالبو ڪيو ته ڀاءُ عرفان جتوئي کي اغوا ڪري قتل ڪندڙن مٿان ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي. عدالت داخل درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي کين 27 مارچ تي طلب ڪري ورتو آهي.
