103

عمران خان اڪثريت وڃائي چڪو آهي، پ پ هاڻي دوستن تي نه پر جيالن تي ڀروسو ڪندي: بلاول ڀٽو

رحيم يار خان (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي  چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته خان صاحب اڪثريت وڃائي چڪو آهي، هيءَ اقليت جي حڪومت آهي. پ پ هاڻي دوستن تي نه پر جيالن تي ڀروسو ڪندي.  رحيم يار خان ۾ ڪارڪنن سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪٺپتلي سيليڪٽيڊ وزيراعظم پوري ملڪ جي عوام کي تڪليف ۾ وجهي ڇڏيو آهي، هن رڳو ڪوڙا واعدا ڪيا. سليڪٽڊ وزيراعظم هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو پر ان تي عمل نه ٿيو، ڪنهن کي روزگار ڏيڻ بدران ويتر کسي ورتو. آهي.  اسان جي دور ۾ عالمي مالياتي بحران آيو پر اسان عوام کي لاوارث نه ڇڏيو هو.هن چيو ته مهانگائي باوجود اسان پنهنجي دور ۾ پگهارون وڌايون، پ پ غريبن لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شروع ڪيو، ايندڙ حڪومت پ پ جي ٿندي، جيڪا ملڪ جي آبادگارن، غريبن، نوجوانن ۽ مزدورن جي ترجمان هوندي. پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته دوستن کان مطالبو آهي بي اعتمادي آڻين، عثمان بزدار کي هٽائين، جيڪڏهن توهان بي اعتمادي رٿ نٿا آڻي سگهو ته پوءِ استعفا ڏيو ۽ اسيمبلي ڇڏي ڏيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو اسان دوستن کان مطالبو ڪنداسين ته اهي عمران خان خلاف بي اعتمادي جي رٿ آڻين ۽ وزيراعظم کي هٽائين، گڏوگڏ هن اهو به چيو ته هاڻ پ پ دوستن تي نه جيالن تي اعتبار ڪندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو