366

لاهور: پوليس پرويز الاهي جي گرفتاري لاءِ سندس گهر جي تلاشي ورتي

لاهور: پوليس پرويز الاهي جي گرفتاري لاءِ سندس گهر جي تلاشي ورتي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب پوليس اينٽي ڪرپشن کاتي جي ٽيم سان گڏ پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي گهر تي ڇاپو ۽ تلاشي ورتي.
اينٽي ڪرپشن عدالت پرويز الاهي جي عبوري ضمانت رد ڪري ڇڏي.


عبوري ضمانت بعد آزاد ٿيڻ بعد پوليس جي وڏي نفري گلبرگ ۾ پرويز الاهي جي گهر پهچي وئي، پوليس سان گڏ اينٽي ڪرپشن جي ٽيم به موجود هئي.

پرويز الاهي جي گهر ڀرسان ظهور الاهي روڊ کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو، ظهور الاهي روڊ ڀرسان گهٽيون به بند ڪيون ويون.
چوڌري پرويز الاهي جي ترجمان اقبال چوڌري چيو آهي ته چوڌري پرويز الاهي گهر ۾ موجود ناهي، هن وقت رڳو چوڌري پرويز الاهي جو خاندان گهر ۾ آهي، جيڪڏهن پوليس سرچ وارنٽ ڏيکاري ته گهر جي تلاشي وٺنداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو