اسلام آباد/راولپنڊي (م ڊ) وزيراعظم عمران خان عسڪري قيادت سان گڏ انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو. وزيراعظم آفيس جي پڌرائيءَ موجب دوري جي موقعي تي وزيراعظم سان گڏ جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي چيئرمين جنرل نديم رضا، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان ۽ نيول چيف ايڊمرل محمد امجد خان نيازي به هئا. چيف آف جنرل اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد مرزا، شاهه محمود قريشي ۽ اسد عمر به وزيراعظم سان گڏ هئا، جڏهن ته ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد ڊائريڪٽوريٽ جنرل آءِ ايس آءِ ۾ عسڪري ۽ سياسي قيادت جي آجيان ڪئي. پڌرائيءَ موجب سياسي ۽ عسڪري قيادت کي ملڪي ۽ علائقائي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي وزيراعظم قومي سلامتي کي پيش چئلينجن خلاف آءِ ايس آءِ جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو.
