255

عمران خان شيخ رشيد جي پوري خواهش پوري ڪندي کيس پي ڊي ايم خلاف ڪارروائي جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان شيخ رشيد جي گهرو وزير بنائڻ واري پراڻي خواهش پوري ڪندي کيس پي ڊي ايم خلاف ڪارروائي جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو آهي، ذريعن موجب عمران خان جي حڪومت قائم ٿيڻ شرط شيخ رشيد جي خواهش هئي ته کيس گهرو وزير بڻايو وڃي جنهن لاءِ هن عمران خان سوڌو اهم اڳواڻن کان گهرو وزارت واري قلمدان جي گهر پڻ ڪئي هئي. ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان تجربي جي بنياد تي شيخ رشيد کي ريلوي جو وزير بنايو هو، جنهن لاءِ وزيراعظم جي اڳوڻي خصوصي صلاحڪار نعيم الحق شيخ رشيد کي ريلوي واري وزارت سنڀالڻ تي راضي ڪيو هو، ذريعن موجب حڪومت شيخ رشيد کي پي ڊي ايم جي جلسن ، لانگ مارچ ۽ سرگرمين کي روڪڻ لاءِ ٽاسڪ ڏنو ويو آهي

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو