115

عمران خان هارائڻ کان پوءِ وِڦلي پيو، حملي سان غير جمهوري سوچ ظاهر ٿئي ٿي: آصف علي زرداري

اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري مسلم ليگ(ن ) جي اڳواڻ احسن اقبال کي ٽيليفون ڪيو، حملي جي شديد لفظن جي مدد ڪئي، جڏهن ته (ن) ليگ اڳواڻن  شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال، مصدق ملڪ ۽ مريم اورنگزيب تي ٿيل حملي جي پڇا ڳاڇا پڻ ڪئي، ان موقعي تي َآصف علي زرداري چيو ته پي ڊي ايم اڳواڻن تي حملو سياسي عدم برداشت جو ثبوت آهي، غير جمهوري سوچ ظاهر ٿئي ٿي، عمران خان سياسي شڪست کانپوءِ بوکلاهٽ جو شڪار ٿي چڪو آهي، مريم اورنگزيب سان توهين مذمت جوڳو عمل آهي، عمران خان سياست ۾ گار گند ۽ عدم برداشت جو عنصر پيدا ڪيو آهي، حملو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو