لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته استعيفيٰ ڏيڻ واري ڊيڊلائين گذرڻ کانپوءِ هاڻي عمران خان کي ٽي وي مان خبر پوندي ته هو گهر ڀيڙو ٿي چڪو آهي. ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب جو وڌيڪ چوڻ هو ته 6 ووٽن جي بنياد تي سليڪٽيڊ وزيراعظم کي مڙهيو ويو، پيٽرول، اٽي، کنڊ، گئس، دوائن، ايل اين جي ۽ بجلي چور عمران مافيا ظلم، ڪرپشن ۽ ڪميشن جو نشانو بڻجي چڪي آهي، اڍائي سالن ۾ رڪارڊ 14000 ارب ڊالر قرض ورتو ويو. هن چيو ته عوام سان ڊالر جو اگهه وڌڻ جو ٽي وي ذريعي خبر پوڻ جو مذاق اڏايو ويندو هو، هاڻي اهو ئي عمران خان سان ٿيڻ وارو آهي، اٽي، کنڊ ۽ فارن فنڊنگ ۾ ملوث سليڪٽيڊ وزيراعظم کي پنهنجي گهر ڀيڙو ٿيڻ جو اطلاع هاڻي ٽي وي ذريعي ملندو.
