20

عمران خان 25 سال جدوجهد انڪري ڪئي ته جيئن هر پاڪستاني کي 2 لکهه جو قرضي بڻائي سگهي: پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان 25 سال ان لاءِ جدوجهد ڪئي ته هر پاڪستاني کي پوڻا ٻه لکهه جو قرضي بڻائي سگهجي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پي ٽي آئي حڪومت جي معاشي پاليسين تي تنقيد ڪندي چيو ته عمران خان 25 سال ان لاءِ جدوجهد ڪئي ته هر پاڪستاني کي پوڻا ٻه لکهه جو حڪومتي قرضي ٺاهي ان کي قانون هيٺ ڌٻائي سگهجي، قرضن خلاف ڪوڙي مهم هلائي پي ٽي آئي حڪومت هن وقت تائين 33 ارب ڊالر کان وڌيڪ غير ملڪي قرض کڻي چڪي آهي، قرضن جي وياج ۾ پگهارن جي ادائيگي کانپوءِ ترقياتي بجٽ دفائي بجٽ جي لاءِ به حڪومت وٺ پئسو نه هوندو، بلاول ڀٽو چيو ته عوام کي ڪفايت شعاري جو درس ڏيڻ وارو عمران خان حڪومت جي شاهي اخراجات 28 سالا ملڪي تاريخ ۾ سب کان وڌيڪ ٿي چڪي آهي، عوام کي معاشي ٽيم جو لالي پوپ ڏيڻ وارو عمران خان جي  حڪومت سخت شرطن تي قرضو کڻي پنهنجي آمدني مان 10 کهرب روپيا  وڌيڪ خرچ ٿي چڪا آهن، قيمتن ۾ سوين سيڪڙو اضافي کانپوءِ به صرف بجلي جي شعبي ۾ اضافي کانپوءِ به صرف بجلي جي شعبي ۾ اڍائي کهرب ۽ گيس شعبي ۾ گردشي قرضو 350 ارب روپين کان وڌيڪ ٿي چڪو آهي، بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته ڪڏهن قرضو نه کڻڻ جو اعلان ڪرڻ وارو عمران خان حڪومت کي 9 مهينن ۾ اڍائي کهرب روپين تي مشتمل خزاني جو 82 سيڪڙو حصو قرضن جي ادائيگي ۾ ٿي چڪو آهي، پي ٽي آئي حڪومت حالت اهيا آهي ته عوام ۽ واپارين کي ٽيڪسن جي 710 ارب روپيا واپس نه ڪري هڪ نئون گردشي قرضو پيدا ڪري چڪي آهي، جڏهن ته 650 ارب روپيا جي ترقياتي پروگرام ۾ حڪومت مالي سال جي 11هين مهيني ۾ به صرف جيڪڏهن 40 سيڪڙو خرچ ڪيو ويندو ته معاشي ترقي جا مقصد ڪيئن پورا ٿيندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو