65

عمرڪوٽ لڳ بيروزگار نوجوان پول تي چڙهي ڦاهو کائي ڇڏيو

عمرڪوٽ(ويب ڊيسڪ) عمرڪوٽ ڀرسان ڪرنا موري لڳ ڳوٺ مراد پلي جي رهواسي 25 سالا نوجوان شنڪر ڪولهي بجلي جي پول تي چڙهي رسو ٻڌي پنھنجي زندگي جو ڏيئو اجھائي ڇڏيو، خودڪشي جو اطلاع ملڻ تي سوين ڳوٺاڻا ۽ حد جي ٿاڻي صوفي فقير جي پوليس پُھتي، جتي نوجوان جو لاش پول مان ھيٺ لاٿو ويو ته ماحول سوڳوار ٿي ويو، جڏھن ته نوجوان جي فوتگي تي وارثن لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو،جنھن بعد پوليس وارثن جا بيان رڪاڊ ڪرڻ بعد رواني ٿي ويئي، پوليس موجب نوجوان جي فوتگي بابت وارثن ٻڌايو آھي ته فوتي نوجوان شنڪر ڪولھي جو دماغي توازن درست نه ھيو جنھن ڪري اھڙو قدم کنيو آھي، مامري بابت رابطو ڪرڻ تي صوفي فقير ٿاڻي جي ايس ايڇ او ممتاز ٻٻر چيو ته شنڪر ڪولھي جو دماغي توازن درست نه ھيو جنھن وارثن مطابق به ته اڳ ۾ به 2 ڀيرا خودڪشي جي ڪوشش ڪئي ھئي، ھن چيو ته مامري جي اتفاقي رپورٽ داخل ڪئي ويئي آھي، جڏھن ته علائقي ۾ چئوٻول آھن ته نوجوان بيروزگاري کان تنگ اچي بجلي جي پول تي چڙھي خودڪشي ڪئي آھي، ھوڏانھن فوتي نوجوان جو لاش سندن گھر پُھتو ته گھر ۾ روڄ راڙو قھرام مچي ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو