ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت عمر شريف جي علاج لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو آهي، ميڊيڪل بورڊ کيس پر ڏيهه ملڪ علاج لاءِ موڪلڻ بابت فيصلو ڪندو. هوڏانهن ڪراچي ۾ گونر عمران اسماعيل ۽ وفاقي وزير فواد چوڌري اسپتال ۾ سندس عيادت ڪئي، گونر عمران اسماعيل ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڊاڪٽر فيصل ۽ ڊاڪٽر ياور تي ٻڌل ميڊيڪل بورڊ جوڙيوآهي، ڊاڪٽر جي فيصلي جي روشني ۾ جيڪي به فيصلا ٿيندا انهن تي عمل در آمد ڪرايو ويندو. جڏهن ته عمر شريف جي گهر واري زرين غزل چيو آهي ته عمر شريف جي لاءِ هڪ هڪ منٽ قيمتي آهي، جيڪڏهن کيس آمريڪا منتقل نه ڪيو ويو ته هتي سندس اوپن هارٽ سرجري ڪرڻي پوندي، جيڪا ان لاءِ نقصان ڪار ٿي سگهي ٿي.
