ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ليجنڊ ڪاميڊين عمر شريف وزيراعظم کان بهتر علاج لاءِ مدد جي اپيل ڪري ڇڏي آهي، سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل هڪ وڊيو ۾ عمر شريف اسپتال جي بيڊ تي ليٽيل آهي ۽ عمران خان کان مدد جي اپيل ڪري پيو،عمر شريف وڊيو ۾ چئي رهيو آهي ته ڊاڪٽرن چيو آهي ته منهنجو بهتر علاج آمريڪا مان ئي ٿي سگھي ٿو ، ان لاءِ وزيراعظم عمران خان کان اپيل ٿو ڪريان ته آمريڪا مان علاج ڪرائڻ ۾ مدد ڪري.
