اگهن ۾ وڏي لاٿ ٿيندي، پيٽرول سستو ٿيڻ ۾ باقي ڪيترو وقت بچيو؟
اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) 16 ڊسمبر کان تيل اگهن ۾ وڏي گهٽتائي جو امڪان آهي.عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول جي اگهه ۾ 5.49 ڊالر في بيرل گهٽتائي کانپوءِ 16 ڊسمبر کان ملڪ ۾ پيٽرول جي اگهه ۾ 13 رپيا ۽ ڊيزل جي اگهه ۾ 15 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي سبب شهرين رليف ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ياد رهي ته هن وقت ملڪ ۾ پيٽرول جو اگهه 281.34 رپيا جڏهن ته ڊيزل 289.79 رپيا في ليٽر ملي رهيو آهي. حڪومت پيٽروليم شين جي نون اگهن جو فيصلو 15 ڊسمبر تي ڪندي، 16 ڊسمبر کان اگهه لاڳو ٿي ويندا. |