لاڙڪاڻو (رپورٽ: اياز ساريو) پ پ پ چيئرمين نئون ديرو هائوس پهچي ويو، سنڌ ۽ پنجاب جي چونڊيل نمائندن ۽ پارٽي عهديدارن جي ملاقات، مختلف معاملن تي ڳالهيون. ان سلسلي ۾ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گذريل ڏينهن سخت سيڪورٽي ۾ نئون ديرو هائوس پهچي ويو، جتي مختلف وفدن ۽ پ پ پ ايم پي اي مير عابد خان سندراڻي ساڻس ملاقات ڪئي، جتي سنڌ جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات دوران چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي مير عابد خان سندراڻي ڪشمور جي سياسي صورتحال بابت آگاهه ڪيو. پ پ پ چيئرمين مير عابد خان سندراڻي کان ڪشمور جي عوامي مسئلن بابت پڇاڻو ڪيو. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪشمور جي عوام هميشه پاڪستان پيپلز پارٽي جو ساٿ ڏنو آهي، آءُ ڪشمور جي عوام سان گڏ هميشه گڏ بيٺو هوندس، ڪشمور جي عوام جي مسئلن جي حل لاءِ تسلسل کي جاري رکيو ويندو. ٻئي طرف بلاول ڀٽو زرداري سان پ پ ايم پي اي برهان چانڊيو پڻ نئون ديرو ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري برهان چانڊيو کان قمبر شهدادڪوٽ جي عوامي مسئلن بابت پڇاڻو ڪيو جنهن تي برهان چانڊيو بلاول ڀٽو زرداري کي قمبر شهدادڪوٽ جي عوامي مسئلن جي حل بابت کنيل قدمن بابت آگاهي ڏني. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عوامي مسئلن جو حل پاڪستان پيپلز پارٽي جي اولين ترجيح رهي آهي. جڏهن ته پ پ پ ضلعي ڪشمور جي صدر گل محمد جکراڻي پڻ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ حڪومت خلاف هلندڙ احتجاجي تحريڪ تي ڳالھه ٻولهه ڪئي وئي. هوڏانهن پنجاب اسيمبلي جي ميمبر ممتاز چانگ سان پنجاب ۽ ملڪي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان جي حڪومت ملڪي تاريخ جي بدترين ۽ ڪرپٽ ترين حڪومت ثابت ٿي آهي، عوام تنگ ٿي وئي آهي، ان لاءِ عوام عمران خان کان استعيفا گهري رهيو آهي. هن چيو ته نااهل وزيراعظم وٽ سواءِ استعيفا جي ڪو به رستو ناهي بچيو.
