137

عوام ننڍي چونڊ ۾ سليڪٽيڊ حڪومت کي رد ڪري ڇڏيو، يوسف رضا گيلاني جي ڪاميابي مان ثابت ٿيندو ته پارليامينٽ به پي ڊي ايم سان گڏ آهي: بلاول ڀٽو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته اسان هن وقت بي اعتمادي واري راند نه پيا کيڏون، اسان جو سڄو ڌيان سينيٽ چونڊن تي آهي. ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز سان گڏجي صحافين سان ڳالهائيندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ملڪ جي هر ڪنڊ مان ننڍي چونڊ دوران حڪومت کي هار جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، عوام ننڍي چونڊ ۾ سليڪٽيڊ حڪومت کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ننڍي چونڊ مان ثابت ٿي ويو ته عوام پي ڊي ايم سان گڏ آهي، هاڻي يوسف رضا گيلاني جي ڪاميابي مان ثابت ٿيندو ته پارليامينٽ به پي ڊي ايم سان گڏ آهي، جڏهن ته حفيظ شيخ سان يوسف رضا گيلاني جو مقابلو اسان جو امتحان آهي. هن چيو ته نااهل حڪمران ملڪ لاءِ بار بڻيل آهن، اسان هن وقت بي اعتمادي واري راند نه پيا کيڏون، اسان جو سڄو ڌيان سينيٽ چونڊن تي آهي، ان لاءِ سينيٽ چونڊ ۽ بي اعتمادي واري رٿ ۾ فرق آهي، پي ڊي ايم گڏجي فيصلو ڪيو آهي ته اسان لانگ مارچ ڪنداسين ۽ سينيٽ چونڊون به وڙهنداسين، اسان گڏجي ئي فيصلو ڪنداسين ته هن حڪومت کي ڪيئن هٽائڻو آهي. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم جو مقصد ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت بحال ڪرڻ آهي، ضروري آهي ته هر ادارو پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪري، اميد ڪريون ٿا ته پارليامينٽ ميمبر به عوامي اميدن مطابق ووٽ ڏيندا ۽ پارليامينٽ ميمبر ٽيڪنوڪريٽن کي ووٽ نه ڏيندا. هن وڌيڪ چيو ته هن وقت جنهن نظام جو مقابلو ڪري رهيا آهيون اهو سليڪٽڊ آهي ۽ ملڪ جي عوام مٿان مڙهيو ويو آهي، زبردستي ماڻهن کي حڪومت سان ڳنڍيو ويو آهي، جڏهن زبردستي ئي نه ٿيندي ته ناجائز ۽ نالائق نظام ئي نه هوندو ۽ پوءِ اها حڪومت به نه رهندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو