اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) قانون جي خلاف ورزي جو نئون اسڪينڊل سامهون آيو آهي، عوام کي بجلي جا بل طئي ٿيل 31 بدران 37 ڏينهن تائين جي بنياد تي موڪلڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، خانگي ٽي وي جي رپورٽ موجب ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاهور، ملتان، گجرانوالا ۽ فيصل آباد جي لکين صارفين کي وڌيڪ ڏينهن جا بل موڪليا ويا آهن، 8 مهينن دوران 37 ڏينهن دوران استعمال ڪيل بجلي جا سڀ کان وڌيڪ بل ملتان جي پاور ڪمپني ميپڪو موڪليا آهن، 31 ڏينهن ۾ 300 يونٽن جو بل 3200 ٺهي ٿو، رڳو هڪ ڏينهن وڌيڪ هجڻ سان بلن ۾ 600 رپيا وڌيڪ ٿين ٿا، اهڙي طرح بل وڌيڪ ريٽ واري سليب جي لحاظ کان ٺهندو ۽ صارفين کي وڌيڪ رقم ادا ڪرڻي پوندي. هوڏانهن نيپرا وڌيڪ بلن بابت خبر جو نوٽيس ورتو آهي، نيپرا چيو آهي ته جن صارفين سان ناانصافي ٿي آهي، انهن کي انصاف ڏنو ويندو، وڌيڪ بلن جي حوالي سان عوام پنهنجون شڪايتون داخل ڪرائين.
107