54

عوام کي عوامي ادارن سان ڳنڍيندڙ پاڪستان سٽيزن پورٽل قوم لاءِ وزيراعظم جو هڪ تحفو آهي: شبلي فراز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته عوام کي عوامي ادارن سان ڳنڍيندڙ پاڪستان سٽيزن پورٽل قوم جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جو هڪ تحفو آهي، آفيسن جا چڪر لڳائڻ کانسواءِ ڪو به شهري پنهنجو مسئلو لاڳاپيل کاتي آڏو اٿاري سگهي ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سينيٽر شبلي فراز چيو ته عمران خان شفافيت ۽ شڪايت جي ازالي جي لاءِ پهچ ڏئي ماڻهن جون دليون کٽي ورتيون آهن. عوام کي طاقتور ۽ بااختيار بڻائڻ وزيراعظم عمران خان جو نصب العين آهي. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 1 لک 70 هزار ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني پورٽل تي رجسٽرڊ آهن، انهن کي پهريون ڀيرو پنهنجي مسئلن جي حل جي سهولت گهر ويٺي ملي آهي، وزيراعظم پاڻ درخواستن ۽ شڪايتن جي ازالي جي عمل جي نگراني ڪندو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو