17

عيد اسپيشل ٽرين نه هلائڻ جي اعلان کانپوءِ ٽرانسپورٽرن ڀاڙا وڌائي ڇڏيا،عيد تي ڳوٺ ويندڙ ماڻهو پريشان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ٽرانسپورٽرن ڀاڙا وڌائي ڇڏيا،عيد تي ڳوٺ ويندڙ ماڻهو پريشان ٿي ويا آهن. رپورٽ موجب عيد اسپيشل ٽرين نه هلائڻ جي اعلان کانپوءِ ٽرانسپورٽرن ڀاڙا وڌائي ڇڏيا آهن، ڪراچي کان مختلف شهرن ڏانهن ويندڙ ٽرانسپورٽرن من پسند ڀاڙا مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته عيد تي ڳوٺ ويندڙ ماڻهو پريشان،وڌيڪ ڀاڙي تان مسافرن سان منهن ماري ڪئي وئي آهي. هوڏانهن ڪراچي ۾ صدر، ڪينٽ اسٽيشن، لياقت آباد نمبر 10 ۽ مختلف هنڌن تان بسن جا اڏا ختم ٿيڻ کانپوءِ سموريون گاڏيون سهراب ڳوٺ کان روانيون ٿي رهيون آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو