ليکڪ: عبدالخالق شر
اسان جي ذهنن ۾ هميشه اها ڳالهه رهي آهي ته ٽئڪس هميشه امير ۽ ڪاروباري ماڻهو ئي ادا ڪندا آهن جڏهن ته غريب ۽ بي پهچ ماڻهو ٽئڪس ڏيڻ کان آجا هوندا آهن پر حقيقت ائين ناهي ڇا توهان کي خبر آهي ته اميرن سان گڏ غريب عوام به ٽئڪس ڏيندو آهي ايسيتائين جو هر ننڍي وڏي شيءِ تي اسان ٽئڪس ادا ڪري رهيا آهيون، بازار مان ملندڙ ڪابه سيل ٿيل شيءِ جڏهن توهان وٺندا ته اصل قيمت کان سواءِ ٽئڪس جا پئسا توهان کي الڳ نظر ايندا، ايسيتائين جو توهان بيلنس ڪرايو ته ان ۾ ٽئڪس جا پئسا، جي وري پيڪيج ڪرايو ته به ٽئڪس ۽ جي وري ڪال ملايو ته وري ٽئڪس جا پئسا ڪٽيا ويندا آهن ته پوءِ سوال اهو آهي ته آخر ٽئڪس جا پئسا وڃي ڪيڏانهن رهيا آهن؟ يقينن وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ئي انهيءَ ٽئڪس جي پئسن تي هلندڙ آهي، جنهن ۾ تمام سرڪاري ادارا شامل آهن جن جو مقصد ئي عوام جي فلاح بهبود آهي، عوام جي ٽئڪس مان گڏ ڪيل پئسا پڻ لاڳاپيل تڪ جي ايم اين اي ۽ ايم پي اي کي گرانٽ جي صورت ۾ حوالي ڪيا ويندا آهن ته جيئن عوام جي بيروزگاري ختم ڪرڻ سان گڏ تفريحي ۽ بنيادي سهولتن جو ڪم ڪيو وڃي پر اسان جي ٽئڪس جو اهو پئسو اسان تي ڪيتري قدر خرچ ٿي رهيو آهي؟ جيڪڏهن ڏسجي ته سرڪاري ادارن ۾ ڪوبه چيڪ اينڊ بيلنس نه رهيو آهي، اسڪول، اسپتالن، روڊ رستن جي حالت توهان سڀني کي خبر آهي، مونکي هي سٽون لکندي هڪ ڳالهه ياد اچي پئي ته هڪ شهر ۾ هڪ بيمار شخص رهندو هو جنهن وٽ هڪ نوڪر رکيل هو، جنهن جو ڪم مالڪ جي خدمت ڪرڻ هو، اڪثر نوڪر مالڪ کي پاڻي ملائي کير پياريندو هو، جنهن سبب مالڪ گهڻو بيمار رهندو هو، هڪ دفعي مالڪ جي ويجهي دوست کيس ٻڌايو ته توهان جو نوڪر توهان کي پياريندڙ کير ۾ پاڻي ملاوٽ ڪري رهيو آهي سو مالڪ ان جي جاچ رکڻ لاءِ هڪ ٻيو نوڪر رکيو ڪجهه ڏينهن ڪم صحيح هليو پر ملاوٽ وارو ڪم ٻيهر شروع ٿي ويو ۽ هن دفعي مالڪ کي ملندڙ کير ۾ پاڻي وڌيڪ ملاوٽ ڪري باقي بچيل کير ملازم پيئندا رهيا، کير نه ملڻ ڪري مالڪ جي اڃا وڌيڪ طبيعت ناساز ٿي وئي، جنهن تي ساڳئي دوست ٻيهر شڪايت ڪئي ته کير ۾ وري پاڻي ملاوٽ ٿي رهيو آهي، مالڪ ٽيون شخص انهن جي جاچ لاءِ رکيو ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ٽئي نوڪر ملي ڪري بيمار مالڪ کي سمهڻ وقت کير جي ٿر مڇن کي هڻي ڇڏيندا هئا ۽ پڇا ڪرڻ تي چوندا هيا سائين توهان ننڊ ۾ کير پيتو هو، ننڊ جي خمار ۾ توهان کي خبر نه پئي سو اسان جو حال به انهيءَ مالڪ وانگر آهي اسان جا ٿيل ترقياتي ڪم صرف ڪاغذن ۾ ملندا آهن ۽ حلقي جا چونڊيل نمائنده عوام وٽ اچڻ کان لاچار آهن، ان ڪري دوستو وقت وڏي تيزي سان تبديل ٿي رهيو آهي، هاڻي اسان کي به تبديل ٿيڻو پوندو نه ايندڙ نسل اسان جو تباهه ۽ برباد ٿي ويندو، ان لاءِ سڀ کان اهم ڪم پڇاڻي جو آهي، بدقسمتي سان اسان جي ماڻهن مان سوال پڇڻ سميت پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿارڻ وارو رجحان ئي ختم ٿي ويو آهي، ڏٺو وڃي ته ڪنهن به تڪ ۾ عام ماڻهو اميدوار بدران برادري جي چڱي مڙس يا علائقي جي ڊنگ وڏيري جي چوڻ تي ووٽ ڏئي ٿو ۽ پوءِ اهو وساري ٿو ڇڏي ته هن پنهنجي قومي امانت سان ڪنهن ماڻهو کي پنهنجي خدمت لاءِ مقرر ڪيو آهي، نه هو برادري يا علائقي جي وڏيري وٽ ڪم لاءِ وڃي ٿو ۽ نه ئي وري چونڊيل نمائندي کان سوال پڇڻ جي توفيق ڪري ٿو، وري 5 سالن کانپوءِ ساڳي ڪار ٿئي ٿي، ان ڪري اسان کي هاڻ اهڙا نمائندا چونڊڻا پوندا، جن کي اسان پاڻ بنا ڪنهن دٻاءَ جي ووٽ ڏيون ۽ اهو به ڏسون ته انهن ماڻهن کان پوءِ اسان سوال به ڪري سگهون ٿا، سڀ کان وڌيڪ ۽ اهم شيءِ اها آهي ته اوهان پنهنجي حقن لاءِ پاڻ اٿو جيڪڏهن اوهان وڏيرن ۽ ڀوتارن تي اهو ڪم ڇڏي ڏيندئو ته ته يقين ڪريو ته اسان جي حالت نه سڌرندي، ڪنهن دوست وانگر ته اهو سڀ ڪجهه تڏهن ٿيندو جڏهن اسان پنهنجي تڪ جي نمائندن سان سيلفي ڪڍرائڻ بدران سوال ڪنداسين؟ ۽ اهو سوال ئي اسان جي مستقبل کي سڌارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، ان ڪري اچو ته پنهنجي حقن لاءِ سوال ڪرڻ سکون ۽ پنهنجي ماڻهن کي به اهو شعور ڏيون.