غوثپور (ن سوڀ) ڪشمور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس نفري ڏوهارين جنيد جاگيراڻي خلاف ٻيھر آپريشن ۽ روپوش جوابدارن جي گرفتاري لاءِ 100 پوليس اهلڪارن 5 اي پيز جي اڳواڻي ۾ آپريشن ڪيو. آپريشن ۾ پوليس ۽ ڏوهارين وچ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، 10 ڪلاڪ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ هلندڙ فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو ۽ ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا. فائرنگ سبب 2 پوليس اھلڪار غلام ياسين چولياڻي ۽ نظير احمد ڀنگوار زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
