غوثپور (ويب ڊيسڪ) غوثپور ڀرسان هٿياربندن ڊاٽسن تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب نوجوان مارجي ويو. رپورٽن مطابق غوثپور ۾ هٿياربندن ڊاٽسن تي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان عثمان تيغاڻي مارجي ويو آهي. اطلاع تي پوليس پهچي مقتول نوجوان جو لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي، پوليس مطابق واقعو پراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي.
